ملير ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ روڊ حادثا،2 عورتن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار، 3 زخمي

ملير (ڊ.ر) ملير ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ ٻن روڊ حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت 3 ڄڻا زخمي، -خبر موجب ملير ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ ٻن روڊ حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، ملير جي علائقي ملير ڊسٽرڪٽ جيل سامهون قومي شاهراھ تي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ شاھ لطيف ٽائون واسي 3 موٽر سائيڪل سُوار نوجوان اشتياق،قاسم ۽ عابد ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا علائقي واسين ٽينڪر ڊرائيور محمد خان کي پڪڙي سخت تشدد ڪرڻ بعد ٽينڪر سميت شاھ لطيف پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي گلشن حديد لڳ لنڪ روڊ تي ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ ئي گهر جي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ،رات 7 وڳي ڌاري ڪورنگي جا رهواسي لنڪ روڊ ڀرسان درگاھ سمندري بابا تي چئن رڪشن تي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 15 گهر ڀاتي حاضري ڀرڻ کان پوءِ لنڪ روڊ تان جيئن ئي پنهنجي گهرن ڪورنگي طرف وڃي رهيا هئا ته نامعلوم ٽينڪر هڪ رڪشي جي مٿان چڙهي ويو جنهن سبب رڪشي ۾ ويٺل هڪ گهر جي ٻن عورتن رائو بي بي،مهناز خاتون، محمد سليمان ۽ محمد تاج ٿڏي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته رڪشي ۾ سُوار محمد نواز سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا روڊ حادثي واري هنڌ ايمبولينس ۽ رينجرس پهچي زخمين جي مدد ڪئي ۽ فوت ٿي ويل کي اسپتال پهچايو اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس ٻن ڪلاڪن تائين نه پهچي سگهي ملير ۾ ٻن الڳ الڳ روڊ حادثن ۾ فوت ٿي ويل جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو  لنڪ روڊ رڪشي کي ٽڪر هڻندڙ نامعلوم ٽينڪر هٿ نه اچي سگهيو آهي جڏهن ته شاھ لطيف  ۽ اسٽيل ٽائون پوليس الڳ الڳ روڊ حادثن جا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *