فردوس شميم ادارن جو ترجمان نه بڻجي، وعدي موجب نرسن جي مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (19 جولاءِ  2019 اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ احتجاج ڪندڙ نرسن وٽ پهچي ويو ۽ هنن جي مطالبن بابت نوٽيفڪيشن نرسز الائينس جي اڳواڻن جي حوالي ڪيو صحت کاتي جو سيڪريٽري ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي موجود ميڊيا ۽ نرسز الائينس جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته سنڌ حڪومت واعدن جي مطابق نرسن جي مطالبن تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي نرسن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ڪجهه هٿ ٺوڪين ماڻهن ۽ نرسز الائينس وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هئي جنهن مان ثابت ٿي ويو ته ڌرڻا پارٽي وارا صرف انارڪي پيدا ڪرڻ چاهين ٿا جن ماڻهن جي سياست جو مقصد انارڪي پکيڙڻ آهي اهي اهوئي ڪم ڪندا پر اسان جو عوام فسادي ۽ خدمتگارن کان چڱي ريت واقف آهي جيڪڏهن تحريڪ انصاف ۾ ايتري اخلاقي جرت آهي ته ملڪي معاشي حالتن تي گورنر هائوس ٻاهران احتجاج ته ڪن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مان سازشي عناصرن کي وارننگ ڏيان ٿو ته اهي اهڙي قسم جون حرڪتون بند ڪن ٻئي صورت ۾ انهن سان قانوني طريقي سان نبريو ويندو هن چيو ته پيلزپارٽي جي سنڌ حڪومت واعدن جي تڪميل ۽ عوامي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي هن چيو ته نرسز پيپلزپارٽي جي حق ۾ نعرا لڳايا آهن اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ماڻهو شهيد راڻي جي پارٽي جا ديوانا آهن ۽ پيپلزپارٽي سان محبت ڪندا آهن جيڪڏهن پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار مهانگائي تي توجه نه ڏني ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪري ايندا ٻئي پاسي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته فردوس شميم نقوي پيپلزپارٽي جو فڪر ڇڏي ۽ پنهنجي پارٽي جو فڪر ڪري ڇو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته فردوس شميم نقوي جي پنهنجي جماعت ۾ ڪيترائي گروهه آهن اپوزيشن ليڊر بڻجڻ وقت فردوس شميم نقوي کي سندس جماعت کان ڪيترا ووٽ مليا هئا ان جي پنهنجي ماڻهن سندس سخت مخالفت ڪئي هئي جنهن جو ڪارڻ ڪو ٻيو نه پر سندس رويو هو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اوهان جي جماعت انتشار ۽ شر پکيڙڻ کان علاوه ڪجهه ناهي ڪيو انتشار پکيڙڻ اوهان جو بنيادي ڪم آهي اوهان جا ڌرڻا سٺا ۽ ٻين جا جمهوري احتجاج به فضول آهن ٿورو هوش کام ڪم وٺو پيپلزپارٽي جي قيادت تي تنقيد ڪري پنهنجي آقا کي خوش ۽ ننڍو قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪيو هن چيو ته فردوس شميم نقوي ادارن جو ترجمان به بڻجي اوهان جي سياسي تربيت هوندي ته اوهان اهڙي قسم جون ڳالهيون نه ڪندا اوهان پي ٽي آئي کان وڌيڪ نيب جا ترجمان لڳو ٿا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *