شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي: عباسي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 13 ڏينهن جي رمانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  نيب طرفان لاهور مان گرفتار ڪيل اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي سخت سڪيورٽي ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  نيب عدالت کي درخواست ڪئي ته شاهد خاقان عباسي کان ايل اين جي ڪيس ۾ آڏي پڇا لاءِ 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته سندس هڪ ئي وقت 90 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن هو نيب کي ايل اين جي ڪيس سمجهائي سگهي. عدالت  شاهد خاقان عباسي کي 13 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي ته شاهد خاقان عباسي کي پهرين آگسٽ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *