ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن. هڪ انٽرويو ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت جو هڪ موقف آهي ۽ ٻيو مخالف ڌر جو آهي،  مخالف ڌر ملڪي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي، احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جو حق آهي جيڪو حق قبول ڪيون ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ ادارا آزاد آهن، عمران خان ڊي چوڪ تي قانون جي حڪمراني ۽ ادارن لاءِ مضبوطي لاءِ نڪتو، چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ ادارا مضبوط ۽ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي، پهريون ڀيرو طاقتور ماڻهو احتساب جي وڪڙ ۾ آهن.  سندس چوڻ هو ته  وزيراعظم عمران خان آمريڪي دوري تي ماڻهن جو مختصر وفد وٺي وڃي رهيو آهي، ڪمرشل فلائيٽ سان وزيراعظم جي روانگي مغليه طرز جي حڪمراني ڪندڙن لاءِ هڪ مثال آهي.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم دوري ۾ پاڪستان ۽ عوام جي مفاد جي نگهباني جو فرض ادا ڪرڻ وڃي رهيو آهي،  عوامي وزيراعظم عوامي انداز ۾ ۽ عوامي مفادن جي حفاظت لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي، ماضي جا حڪمران عالمي دورن ۾ پنهنجا ذاتي مالي مفاد سامهون رکندا هئا، اهو هوندو آهي قيادت ۽ سوچ جو فرق.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *