فاٽا جي عوام کي حق نه مليا ته حڪمرانن جي ڳِچي پڪڙينداسين: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) فاٽا سڌارن جي لاءِ جماعت اسلامي جو ڪي پي ڪي  مان شروع ٿيل لانگ مارچ اسلام آباد پهچي ويو آهي ذريعن مطابق جماعت اسلامي جي فاٽا سڌارن واري ريلي فيض آباد پهچي وئي آهي. لانگ مارچ ۾   جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شامل هيو صحافين سان ڳالهائندي سراج الحق چيو ته ڪنهن جي اشاري ۽ ڪنهنجي دٻاءُ تي حڪومت فاٽا سڌارن جو  پنهنجو واعدو پورو نه پئي ڪري ايف سي آر جي ظالماڻي نظام سان نفرت سبب قبائلي عوام لانگ مارچ ڪري رهيو آهي اهي پنهنجن علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون گھرن ٿا، قبائلي علائقي  کي ڪي پي ڪي زم ڪرڻ گھرجي سمورين جماعتن کي ان جو ساٿ ڏيڻ گھرجي، ٻئي پاسي ريلي ۽ ڌرڻي جي ڪري وفاقي پوليس کي الرٽ   ڪيو ويو آهي، ڊي چوڪ ۽ ريڊزون ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس جا وڏا اٽالا بيهاريا ويا ۽ اندريان رستا بند ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر به گھرايا ويا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *