فاٽا سڌارن واري بل ۾ دير جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته فاٽا سڌارن وارو بل لاڳو نه ٿيڻ سبب اتان جي ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رهي آهي، جنهن جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. ٽوئيٽر تي پيغام ڏيندي عمران خان چيو ته حڪومت جو فاٽا سڌارن واري بل تي غير سنجيدا رويو سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ فاٽا جي انهن ماڻهن جي توهين آهي، جن کي اڄ به پنهنجي جمهوري حقن کان محروم رکيو ويو آهي. فاٽا سڌارن وارو پيڪيج مڪمل طور لاڳو ڪرڻ ۾ دير سبب اتان جي ماڻهن ۾ بيچيني آهي، جنهن جا سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن جو مڪمل پيڪيج ۽ ايف سي آر جي خاتمي جو بل پيش ڪري ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ جو دائرو اهڙن علائقن تان وڌائي، حڪومت آئين جي آرٽيڪل 106 ۾ ترميم ڪري خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ فاٽا ميمبرن جي نمائندگي وڌائي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *