اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي حملي تي سخت مذمت، نواز شريف سي پيڪ معاهدو ڪري ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو: احسن اقبال

ڪراچي(اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تي پابنديءَ جي ڪا تجويز يا ارادو نه ٿا رکون، ايم ڪيو ايم لنڊن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس جي قيام سان شهرين کي سهولت ميسر ايندي، جيڪي پارٽيون سينيٽ مان مردم شماري جو قانون منظور ڪرائڻ ۾ دير جا طريقا استعمال ڪري رهيون آهن اهي بروقت چونڊون نه ٿيون چاهين ۽ اهي ڊگهي مُدي واري سازش جو حصو آهن. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف سياسي ايجنڊا تحت ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪلفٽن ۾ ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ عوامي سهولت لاءِ پهرين ايگزيڪيوٽو پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي حڪومت طرفان ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ نادرا طرفان 3 ميگا سينٽر کلي چڪا آهن، انهن سينٽرز جي قيام جو بنيادي مقصد وفاقي حڪومت طرفان قائم ڪيل ادارن ۾ عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي جن ۾ بين الاقوامي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، وفاقي حڪومت ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ ميٽرو بس لاءِ هڪ رپيو فراهم نه ڪيو پر ڪراچيءَ ۾ گرين بس سروس لاءِ اسان 24 ارب رپين جي فنڊز جي فراهمي يقيني بنائي آهي، اهڙي ريت هتان جي شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ 12 ارب رپيا وفاقي حڪومت فراهم ڪري رهي آهي ۽ لياري ايڪسپريس وي جو التوا ۾ پيل منصوبو وفاقي حڪومت ٻيهر شروع ڪيو، ان لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا جيڪو لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪوششن سان ڪراچيءَ ۾ راند جا ميدان ٻيهر آباد ٿي رهيا آهن ۽ اسان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏجي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، هاڻي پي سي ايل جون مئچون ڪراچي آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه هاڪيءَ جا بين الاقوامي مقابلا به منعقد ڪرايا ويندا. احسن اقبال چيو ته 2013ع ۽ اڄ جي ضابطو آندو ويو آهي، دهشتگردن جي چيلهه چُٻي ڪئي وئي آهي. ڪراچيءَ ۾ امن واپس اچي چڪو آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ نه هئڻ جي برابر آهي، شهري پُرامن طريقي سان زندگي گذاري رهيا آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته صوبائي حڪومت کي چئون ٿا ته اها بجليءَ جي چوري جي خاتمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي مدد ڪري، پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو فيڊرز تي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 35 سيڪڙو فيڊرز جتي چوري ڪئي پئي وڃي اتي چوريءَ جي تناسب سان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪجهه عنصر چونڊن ۾ دير جا طريقا ڳولهي رهيا آهن، جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته هر طرف کان سوال اُٿندا ۽ ملڪ سياسي بحران ۾ هليو ويندو. تنهن ڪري ضروري آهي ته عبوري حڪومت جي اچڻ کان پوءِ 60 يا 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سينيٽ مان فوري طور مردمشماري جي روشنيءَ ۾ تڪبندين جو قانون پاس ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن کي تڪ بندين جو ڪم مڪل ڪرڻ لاءِ 5 کان 6 مهينا گهربل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن سينيٽ مان فوري طور اهو قانون منظور نه ٿو ٿئي ته چونڊن کي التوا ۾ وجهڻ جي سازش ڪامياب ٿي ويندي. مان اهو پُڇڻ ٿو چاهيان ته ”ڇا قومي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي ڌار آهي ۽ سينيٽ ۾ الڳ آهي؟“ ۽ ڇا قومي اسيمبليءَ جي پي ٽي آءِ سينيٽ جي پي ٽي آءِ کان مختلف آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مردمشماري جي قانون کي قومي اسيمبليءَ ۾ انهن پارٽين پاس ڪيو آهي ته اهي سينيٽ مان منظور ڪرائڻ کان ڇو لنوائي رهيون اهن. هن چيو ته اسحاق ڊار خلاف جيڪي ڪيس قائم ڪيا ويا آهن اهي افسوسناڪ آهن، کيس سياسي ايجنڊا تحت انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان تي پابندي جي ڪا تجويز يا ارادو نٿا رکون پر ايم ڪيو ايم لنڊن خلاف اسان وٽ ثبوت موجود آهن، ان خلاف قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *