فاق پاران اين ايف سي مد ۾ 32 ارب رپيا ڪٽوتي ڪرڻ آئين جي ابتڙ آهي: مراد علي شاھھ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪتر نيوز ۽ پرنٽ ميڊيا جي ايڊيٽرز سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ وڏي وزير صحافين کي وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت سان زيادتين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي گذريل 15 ڏينهن جي 35 ارب رپين جي حصي مان 32 ارب رپيا ڪٽي ڇڏيا هن چيو ته وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي ڪري سنڌ حڪومت کي مالي ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي وفاقي حڪومت آئين مطابق ايٽ سور ڪٽوتي نٿي ڪري سگهي وفاقي حڪومت سنڌ روينيو بورڊ سان 19/2014 تائين هڪ طرفي معاملن جو بهانو ڪري 32 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو 15 ڏينهن جو شيئر 35 ارب رپيا بڻجي ٿو پر وفاقي حڪومت 32 ارب جي ڪٽوتي کان پوءِ 3 ارب رپيا جاري ڪيا جڏهن ته وفاق پاران سرڪاري آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي روٽيشن پاليسي هڪ طرفي طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان آفيسرن جي بدلي ڪري سنڌ ۾ انتظامي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪي آفيسر سنڌ حڪومت جي هدايت تي رليز ناهن ٿيا انهن مان ٽنکي زوري رٽائرڊ ڪيو پيو وڃي هن چيو ته روٽيشن پالسيسي ٺاهڻ جي معاملي ۾ وفاق صوبن سانصلاح مشوري جو پابند آهي وڏي وزير چيو ته سنڌ ملڪ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو آئين مطابق جيڪا گئس جنهنص وبي مان نڪري ٿي اتان جي ماڻهن جو ان تي پهريون حق آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جي گئس کڻي سنڌ ۾ صنعت جو ڦيٿو جام ڪري رهي آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي پنهنجي حصي جو مٺو پاڻي مهيا نٿي ڪري مٺي پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي معيشت مسئلن جي ور چڙهيل آهي اهي سمورا مسئلا کڻي پ پ چيئرمينبلاول ڀٽو 27 فيبروري تي لانگ مارچ ڪري رهيو آهي هي لانگ مارچ ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف آهي بلاول ڀٽو عوام جا مسئلا کڻي اسلام آباد وڃي رهيو آهي مرادعلي شآهه چيو ته هو ملڪي تاريخ ۾ غريب عوام جو آواز بڻجي چڪو آهي پيپلزپارٽي هميشه انساني حقن جي علمبرداري ڪئي آهي بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي جون ٻيون ڪميٽيون ڇڏي انساني حقن جي ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو وڏي پزير ميڊيا پرنسز کي 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي تفصيل کان به آگاهه ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *