شريف خاندان جي هر پلان لاءِ تيار آهيان، هنن کي شڪست به ٿيندي ۽ جيل به ويندا: عمران خان

منڊي بھاءُ الدين (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ شريف خاندان جي هر پلان لاءِ تيار آهيان، هنن کي شڪست به ٿيندي ۽ جيل به ويندا، اپوزيشن بي اعتمادي رِٿ آڻڻ گهري ٿي ته جيئن حڪومت جلد ختم ٿئي،شريف خاندان جي هر پلان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، کين ناڪامي ملندي ۽ سڀ جيل ويندا، وزيراعظم عمران خان منڊي بھاءُ الدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سڀ چور ۽ لُٽيرا مون کان ڊنل آهن، فضل الرحمان کين ڊيڄاري ٿو ته تڪڙ ڪريو، نه ته 2023ع جي اليڪشن به هٿان ويندي، 30 سالن کانپوءِپهريون ڀيرو اسيمبلي ڊيزل بنا هلي رهي آهي، ھن چيو تھ مشرف جيان کين اين آر او نه ڏيندس، قوم جو لٽيل پئسو واپس ٿيڻ تائين سندن پيڇو نه ڇڏيندس، چورن ۽ لُٽيرن سان منهنجي ذاتي دشمني نه آهي،ملڪ کي عظيم بڻائڻ لاءِ سندن مقابلو ڪريان ٿو، عوام مافيا جو مقابلو ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏئي، نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وڏي غلطي قرار، وڏو ميان ڀاڳيلو ۽ ننڍو ميان دل جو ڪمزور آهي، صحافين کي سٺي ۽ خراب جي تميز ناهي، اُهي چون ٿا ڀاڳيلي کي تقرير ڪرڻ ڏني وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو تھ  وڏو چور تقرير ڪري ته جيلن ۾ قيد ننڍن چورن کي به اهو موقعو ملڻ گهرجي، مريم چوي ٿي ته وٽس ٽيپس آهن، فيڪ ٽيپ ٺاهڻ سياستدان نه پر  مافيا جو ڪم آهي، ڪڏهن ناهي ٻڌو ته سياستدان ٽيپس رکن ۽ ججز کي بليڪ ميل ڪن، اسحاق ڊار کي منشي قرر ڏيندي وزيراعظم چيو ته شاهد خاقان پنهنجي جهاز ۾ اسحاق ڊار کي ڀڄائي ڇڏيو هو، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته پرڏيهه ۾ تيل، گئس، ڪوئلو ۽ گيهه مهانگا ٿي ويا، تنهنڪري هتي به اگهه وڌيا آهن، حڪومت عوام تان بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،ڊيوٽي ۽ ٽئڪس گهٽائڻ سان هر مهيني 70 ارب رُپين جو نقصان ٿيندو آهي، پوءِ به نقصان ۾ رهي عوام تان بار گهٽايو، پيپلز پارٽي جي دور ۾ وڌيڪ مهانگائي هئي، هن وقت رڪارڊ ايڪسپورٽ ۽ ٽئڪس اوڳاڙي ٿي رهي آهي، هن وقت جيترو پاڪستان ۾ پئسو اچي ٿو، اوترو ماضي ۾ ڪڏهن به نه آيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *