بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن تي انهن تي گهر وارا به اعتبار نٿا ڪن ته قوم ڪيئن ڪري: فواد چوڌري

پنڊدادن خان (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻيندڙن تي سندن گهر ڀاتي به اعتبار نٿا ڪن ته قوم ڪيئن ڪري جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته پاڪستان جي ماڻهن جا پئسا واپس ڪريو اپوزيشن کان لانگ مارچ ته پري واڪ به نه ٿيندي نوازشريف، شهبازشريف ۽ بلاول جي سياست ختم ٿي چڪي آهي 2023 جي چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر عمران خان وزيراعظم چونڊيو ويندو جمعي تي هتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي جلسن سان اپوزيشن جون ننڊون ڦٽي وينديون اڄ اپوزيشن کي پتو پوندو ته ماڻهن جو سمنڊ ڇا ٿيندو آهي اڄ منڊي بهاولدين ۾ وزيراعظم جي استقبال لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي چوڌري فواد چيو ته اڄ شهبازشريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي پر هن هي بهانو ڪيو ته اسان کي جيڪو چالان مليو آهي ان جي مس پڙهڻ ۾ نه پئي اچي. پڙهائڻ لاءِ استاد جي ضرورت آهي اهڙي قسم جا بهانا ڪري هي بچي نه سگهندا هنچ يو ته مقصود پٽيوالو مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ وارن جي اڪائونٽن ۾ اربينر پيا آيا ۽ سندن اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيا کين ٻڌائڻو پوندو ته هي رقم کين ڪيئن منتقل ٿي چوڌري فواد چيو ته انهن پاڪستان جي عوام سان ظلم ڪيو آهي جيڪڏهن هن ظلم طرف ڪنهن ڌيان ڏياريو آهي تها هو وزراعظم عمران خان آهي هن چيو ته فضل الرحمان ۽ زرداري جون ڌار ڌار پارٽيون آهن هڪ لبرل ۽ ٻي مذهبي پارٽي آهي هي سياست ۾ ان لاءِ گڏ ٿيا آهن ته انهن وٽ ماڻهو نه آهي هن چيو ته مدرسي جي ٻارڙن جي طاقت تي حڪومتون نٿيون تبديل ڪري سگهجن ان لاءِ محنت جي ضرورت هوندي آهي بلاول ۽ مريم کي صلاح آهي ته سياست ۾ اچڻ لاءِ اهي پهريان ميئر جي چوند وڙهڻ کين پتو پئجي ويندو ته هي ڪيتري پاڻي ۾ آهن هن چيو ته نوازشريف ٽيون ڀيرو زويراعطم ٿيڻ لاءِ پنجاب سان وڌيون زيادتيون ڪيون آهنا ڄ اسان جي علائقن ۾ گئس ان لاءِ نه آهي جو نوازشريف پنجاب جي حقن جو سوڌو ڪري ڇڏيو هو 18هين ترميم تي صحيحون ڪيون ويون ان جي نتيجي ۾ پنجاب کان گئس کسي وئي چوڌري فواد چيو ته وزراعظم ۽ توانائي واري وزير کي مبارڪون هجن جو انهن جي ڪوششن سان قانون پاس ٿي چڪو آهي هاڻي انشاءالله پنجاب کي به ٻين صوبن وانگر گئس ملي سگهندي چوڌري فواد چيو ته ماضي ۾ (ن) ليگ پنجاب ۾ انڊسٽري ۽ زراعت جو ٻيڙو ٻوڙيو جيڪا موٽر وي ٺاهي ان جي نتيجي ۾ پنجاب جا سمورا وڏا شهر نقصان ۾ هليا ويا گنجرانوالا جهلم گوجر خان دينا، منڊي بهاولادين گجرات کي ان اهڙن منصوبن مان ٻاهر ڪڍيو جيئن مکڻ مان وار ڪڍيو ويندو آهي هن چيو ته اڄ الحمدالله عمران خان موٽر وي ڏني آهي جيڪا انشاءالله سيالڪوٽ موٽر وي سان راولپنڊي کي ملائيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *