فاروق ستار چئي رهيو آهي ته ڪِريل حرڪت پيو ڪريان، ڇا گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪِريل حرڪت آهي؟ : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي منهنجي باري ۾ ريمارڪس تي مونکي سخت اعتراض آهي. فاروق ستار چيو آهي ته گوسڙو ملازمن کي ڪڍي ۽ شادي هالن کي مسمار ڪري آئون ”ٽچي“ حرڪت ڪري رهيو آهيان. آئون پڇان ٿو ته گوسڙو ملازمن جي وڪالت ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي يا انهن کي ڪڍڻ ٽچي حرڪت آهي. غيرقانوني شادي هال مسمار ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي يا پبلڪ پارڪن ۾ غيرقانوني شادي هالز تعمير ڪرڻ ٽچي حرڪت آهي. هو اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي بيان ڏئي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فاروق ستار مون تي اهو به چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران جو ذميوار شرجيل انعام ميمڻ آهي. آئون دعوت ڏيان ٿو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته اسان جي غلطي ڪٿي آهي. اسان سنڌ اسيمبلي جي اندر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهر جي سمورن سياسي جماعتن جي نمائندن، ايوان صنعت ۽ تجارت، ڪراچي پريس ڪلب جي نمائندن ۽ ڪمشنر ڪراچي تي مشتمل هڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي ۽ ان کي چيو ته هو ڪراچي ۾ پاڻي جي ورهاست پاڻ ڪري ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ سميت واٽر بورڊ جو ڪوبه به آفيسر يا اهلڪار ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته ان کي برطرف ڪري. ان ڪميٽي جا ٽي اجلاس ٿيا، پر ايم ڪيو ايم جو ڪو به نمائندو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو. هن چيو ته اسان ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست لاءِ هڪ ٻي ڪاميٽي به جوڙي جيڪا 24 ڪلاڪ ماڻهن جي شڪايت ٻڌي رهي آهي. واٽر بورڊ ۾ شڪايتي سيل به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو تمام پراڻو آهي. آئون پڇان ٿو ته ايتري عرصي تائين ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ اپاءُ ڇو نه ورتا ويا. شرجيل ميمڻ چيو ته شهر ۾ 100 کان وڌيڪ غيرقانوني واٽر هائيڊرينٽ موجود هئا، اسان رينجرز ۽ ٻين امن امان جي بحالي وارن ادارن سان گڏجي انهن کي مسمار ڪيو. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو هڪ هزار ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان کي صرف 550 ايم جي ڊي پاڻي دستياب آهي. 450 ايم جي ڊي جي کوٽ آهي. ان ڳالهه جو اعتراف ڊاڪٽر فاروق ستار به ڪيو آهي. اسان کي 550 ايم جي ڊي پاڻي ڌاٻيجي مان حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته 100 ايم جي ڊي حب ڊيم مان ملي ٿو. پر برساتون نه پوڻ جي ڪري حب ڊيم خشڪ ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان کي ڪراچي جي ماڻهن جي تڪليف جو احساس آهي ۽ اسان پاڻي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون. ڌاٻيجي جي پمپنگ اسٽيشن جي گنجائش 65 ايم جي ڊي وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي. پراڻي واٽر پلانٽس جي مينٽيننس ۽ مرمت به هنگامي بنيادن تي ڪري رهيا آهيون. مون واٽر بورڊ جي عملدارن کي چيو آهي ته هو پمپنگ اسٽيشنز جي مرمت جلد ڪرائين. ان لاءِ ٽينڊر ڏيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته اسان جي پهرين ترجيح ڪراچي جي ماڻهن کي پاڻي پهچائڻ آهي. هن چيو ته جيڪي هائيڊرينٽ ۽ ٽينڪرز مافيا پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن  انهن خلاف واٽر بورڊ جي شڪايتي سيل ۾ شڪايتون داخل ڪرايون وڃن. اسان انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته عوام ان مافيا جي هٿان بليڪ ميل نه ٿئي. جتان کان پاڻي خريد ڪن اتان رسيد وٺن ۽ رسيد تي ٽينڪرز جو نمبر به لڳل هجڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا دوست پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته آئون انهن کي ڀليڪار ڪيو ۽ واٽر بورڊ جي عملدارن کي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان گڏ دوري تي وڃن. هن شهر جي سمورن ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ادارن جي اونرشپ وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پاڻي جو بحران سنگين آهي ۽ مونکي ان جو اعتراف آهي ۽ آئون مسئلي جي حل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان تعاون جي اپيل ڪريان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *