آصف علي زرداري جي اوچتو طبيعت خراب، احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، 13 مئي تي ٻيهر طلب

راولپنڊي (بيورو)  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب اثاثا ريفرنس  ڪيس ۾ راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، عدالت، آصف زرداري کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 13 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج خالد محمود رانجها اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي پيپلزپارٽي جا وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود هئا، جڏهن ته عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي گاڏين جي پارڪنگ تي به  پابندي  لڳائي  وئي  هئي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي آهي، تنهن ڪري هو پيش نٿو  ٿي  سگهي. فاروق نائيڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته آصف علي زرداري کي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت، آصف علي زرداري جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 13 مئي تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.  عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري طبيعت خراب ٿيڻ سبب پيش ناهي ٿي سگهيو، عدالت کيس 13 مئي تي طلب ڪيو آهي، ڪوشش هوندي ته ايندڙ ٻڌڻي تي اڳوڻو صدر پيش ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *