ٺهراءَ معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ نه هلندي،عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو وڃي: کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ متحده سربراهه الطاف حسين خلاف اڄ به ٺهراءُ پيش نه ٿي سگهيو، نثار کهڙي جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن هنگامو ڪيو،جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي. سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته فنڪشنل ليگ، نون ليگ ۽ پي ٽي آءِ پاران اسپيڪر تي الطاف حسين خلاف ٺهراءُ پيش نه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ وارو الزام بي بنياد آهي. هن چيو ته اسپيڪر ايوان جي بزنس اڪلائڻ بعد ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي رولنگ ڏني هئي،پر ڪجهه ماڻهو معاملي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن. نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو شوق هو ته اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائين ها. سندس چوڻ هو ته ٺهراءَ واري معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه هلندي،سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ بند ڪيو وڃي. نثار کهڙي چيو ته فنڪشنل ليگ سنڌ ۾ اپوزيشن ۽ وفاق ۾ ن ليگ سان گڏ حڪومت ۾ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن فنڪشنل ليگ کي الطاف حسين خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته قومي اسيمبلي ۾ ڇو نه ٿو آندو وڃي. نثار کهڙي چيو ته وزيراعظم نواز شريف به الطاف حسين جي معافي کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ صدر الدين شاهه سنڌ جي ورهاڱي واري بيان تي ڇو نه ڳالهايو؟ نثار کهڙي جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي ۽ شهريار مهر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن شيم شيم جا نعرا پڻ هنيا. اپوزيشن جي احتجاج تي اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرن کي اسٽرپ سلز جي آڇ ڪئي جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۽ نون ليگ ميمبرن جا مائيڪ بند ڪيا ويا. شهريار مهر چيو ته ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي الزامن جو جواب ڏنو وڃي. اسپيڪر هنگامو ڪندڙ ميمبرن خلاف ريفرنس موڪلڻ جي وارننگ ڏني

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *