عورت کي برتر ڏيکارڻ جو مطالبو نٿي ڪيان : ساره خان

ڪراچي:(شوبز نيوز)پاڪستان ڊارما انڊسٽري ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ ساره خان تازو فيمينزم جي باري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.شوبز انڊسٽري جون ڪيتريون ئي اداڪارائون فيمينزم جي حوالي سان مختلف راءِ رکن ٿيون ۽ اڪثر موقعن تي ان جو اظهار به ڪنديون آهن.تازو اداڪاره ساره خان هڪ انٽرويو دوران فيمينزم جي باري ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آئون صنفي برابري ۾ يقين رکان ٿي، آئون عورت کي برتر ڏيکارڻ جو مطالبو نٿي ڪيان پر آئون ٻنهي کي گڏ ڏسڻ جي باري ۾ چوان ٿي.ساره خان چيو ته مردن ۽ عورتن کي گڏ هڪ ئي جاءِ تي رهڻو آهي جيڪا الله هنن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.اداڪاره چيو ته الله عورت کي مضبوط بڻايو آهي ته پوءِ اسان اهڙي ڳالهه ڇوڏا ڪيون ته عورتون مضبوط آهن ۽ انهن کي برابر معاوضو ملڻ گهرجي. هن چيو منهنجو خيال آهي ته وڙهڻ بجاءِ پنهنجي ڌيئرن جي تربيت سٺي ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ڌيئرن کي اهو نه سيکاريو وڃي ته عورت مارچ ڪن، انهن ڌيئرن جي ماءُ هڪ عورت آهي.ساره خان چيو ته هڪ عورت گهر جا معاملا سنڀاليندي آهي، هوءَ گهر وارن لاءِ ماني پچائيندي آهي ۽ پنهنجي فيملي کي سپورٽ ڪندي آهي، الله عورت کي هڪ خاص جاءِ ڏني آهي پر منهنجو چوڻ آهي ته مردن جا به برابري وارا حق آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *