”ڪهونا پيار هي“ جي ڪاميابي کانپوءِ هرتيڪ روشن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري رنو هو : راڪيش روشن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور اداڪار هريتڪ روشن سندس ٽيلينٽ جي ڪري انڊسٽري ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو ۽ لکين دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو.هڪ انٽرويو دوران اداڪار هريتڪ روشن جي پيءُ ۽ فلمساز راڪيش روشن ٻڌايو ته هريتڪ روشن جي بلاڪ بسٽر لم”ڪهونا پيار هي“ جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ ڏينهن هريتڪ روشن پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي رنو. راڪيش روشن ٻڌايو ته جڏهن مون هريتڪ کان ان جو سبب پڇيو ته جواب ۾ هن چيو ته مونکان شهرت سنڀالي نٿي ٿئي.هن جو چوڻ هو ته هريتڪ ٻڌايو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل بسون صرف مونسان ملڻ ٿا اچن.راڪيش روشن جو چوڻ هو ته هريتڪ ٻڌايو ان شهرت جي ڪري هو ڪجهه سکڻ، اداڪاري ۽ پنهنجي ڪم تي ڌيان نه پيو ڏئي سگهي.ان واقعي کانپوءِ فلمساز راڪيش روشن پنهنجي پٽ هريتڪ روشن کي نصيحت ڪئي ته زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪنهن به تبديلي کي پاڻ مٿان ٻوجهه نه سمجهه پر انکي قبول ڪري ان ۾ رهڻ سک.ياد رهي ته اداڪار هريتڪ روشن پهريون ڀيرو اداڪاره دپيڪا پڊڪون سان فلم”فائٽر“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *