سالگرهه مبارڪ، شعيب، مان توهان سان ڏاڍي محبت ڪيان ٿي: ثانيا مرزا

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهرواري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته مان مڙس کانسواءِ نٿي رهي سگهان.شعيب ملڪ جي 40هين سالگرهه جي موقعي تي سندس گهرواري ثانيا مرزا انسٽاگرام تي پنهنجي مڙس لاءِ محبت ڀريو پيغام جاري ڪيو.ڀارتي ٽينس اسٽار قومي ڪرڪيٽر سان گڏ پنهنجي تصوير جاري ڪندي لکيو ته ”ان شخص کي سالگرهه مبارڪ، جنهن کانسواءِ منهنجي زندگي اڻپوري آهي“.ثانيا مرزا شعيب ملڪ کي دعا ڏيندي چيو ته ”هي سال توهان لاءِ گهڻيون خوشيون ۽ ڪاميابيون کڻي اچي، توهان پريڪٽس تان موٽي اچو ته باقي ڳالهيون پوءِ ٻڌائينديس“.آخر ۾ هن لکيو ته ”شعيب، مان توهان سان ڏاڍي محبت ڪيان ٿي“.واضح رهي ته شعيب ملڪ پهرين فيبروري تي 1981 ۾ سيالڪوٽ ۾ ڄائو، جيڪو اڄ پنهنجو 40هون جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهي.شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا 2010 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين هڪ پٽ جو اولاد به آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *