عورتن جي مردن پٺيان هلڻ سان متفق ناهيان: زارا نور عباس

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا زارا نور عباس چيو آهي ته عورتن جي مردن پٺيان هلڻ سان متفق ناهيان. اداڪارا زارا نور عباس پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي مداحن سان سوالن جوابن جي نشست رکي جنهن ۾ هن سڌو سئنون مداحن جي سوالن جا جواب ڏنا هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عورتن کي مردن جي برابر هلڻ وارو مقام ملڻ گهرجي. زارا نور عباس چيو ته آئون ان جي بلڪل خلاف آهيان ته عورتون مردن جي هڪ قدم پٺيان هلن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *