شهباز شريف، وزيراعظم جي اچڻ کان منع نه ڪيو هو،فواد چوڌري ڪوڙ پيو ڳالهائي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وزيراعظم جي قومي سلامتي اجلاس ۾ نه اچڻ تي وفاقي وزير فواد چوڌري پاران ڏنل بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي نواز ليگ جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري ڪوڙ پيو ڳالهائي، هو هڪ پروپيگنڊا مشين آهي، شهباز شريف ڪيئن پيو منع ڪري سگهي، اجلاس اسپيڪر طلب ڪيو هو، شهباز شريف ڪنهن کي ڪو پيغام نه موڪليو، فواد چوڌري وٽ ڪو سرڪاري دستاويز يا ثبوت آهي ته ڏيکاري. شهباز شريف يا شهباز شريف جي آفيس جي ڪا لکت آهي ته ٻڌايو، ڇا عمران صاحب شهباز شريف ڪورونا جو قومي اجلاس مان شهباز شريف جي چوڻ تي هليو ويو هو؟ ڇا عمران صاحب قومي اهميت ۽ سيڪيورٽي جي ٻين معاملن تي شهباز شريف جي چوڻ تي نه آيو؟ ڇا شهباز شريف عمران صاحب کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري لاءِ مشاورت کان پڻ منع ڪيو هو؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *