سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، شاهنواز ڏاهاڻي ايمرجنگ ڪيٽيگري جو حصو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مينز سينٽرل ڪانٽريڪٽ2021/22 جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي سي بي موجب، 20 قومي ڪرڪيٽرز کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو، ڪانٽريڪٽ ۾ ٽي مختلف ڪيٽيگريز ۽ ايمرجنگ ڪرڪيٽرز کي شامل ڪيو ويو آهي، پي سي بي جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ حسن علي ۽ محمد رضوان کي ترقي ڏئي اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته عمران بٽ، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ عثمان قادر کي ايمرجنگ ڪيٽيگري جو حصو هوندا، پي سي بي موجب، بابر اعظم، حسن علي، محمد رضوان ۽ شاهين شاهه آفريدي کي اي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اظهر علي، فهيم اشرف، فخر الزمان، فواد عالم، شاداب خان ۽ ياسر شاهه کي ڪيٽيگري بي ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته عابد علي، امام الحق، حارث رئوف، محمد حسنين، محمد نواز، نعمان علي ۽ سرفراز احمد کي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي، پي سي بي جي موجب، سمورن ڪيٽيگريز ۾ شامل رانديگرن جي مراعتن ۾ 25سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، محمد حفيظ، اسد شفيق، حيدر علي، حارث سهيل، افتخار احمد، عماد وسيم، محمد عباس، نسيم شاهه، شان مسعود، عثمان شنواري کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *