عورتن جا حق ۽ فيمينزم ڌار شيون آهن: ايمان علي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارا ايمان علي فيمينزم تي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته عورتن جا حق ۽ فيمينزم ٻه ڌار شيون آهن، سڀ کان پهريان ته اسان کي اهڙي نظريي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عورتن جي حقن جو مطلب ڇا آهي ۽ فيمينزم ڇا آهي. اداڪارا عفت عمر جي ويب شو ۾ شرڪت دوران ميزبان ايمان علي فيمينزم جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏنا. ايمان علي جو فيمينيزم بابت مختصر جواب سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي. ايمان علي جو چوڻ آهي ته عورتن کي پنهنجي عورت هجڻ کي تسليم ڪرڻ ۽ ان تي فخر ڪرڻ ئي فيمينزم آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *