قومي ٽيم جي ٽيسٽ فاسٽ بالر حسن علي هڪ دفعو ٻيهر انجرڊ

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ڪراچي: حسن علي کي چيلهه جي سور سبب 15 مهينن تائين ڪرڪيٽ کان پري رهڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر  انجرڊ ٿي پيو هن ڀيري حسن علي گرون انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، هو قائد اعظم ٽرافي فرسٽ اليون ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئين رائونڊ ۾ مين نادرن خلاف سينٽرل پنجاب طرفان بالنگ ڪندي زخمي ٿي پيو هو.مخالف ٽيم جي پهرين اننگ ۾ بيٽنگ دوران ڇهين اوور جو ٻيون بال ڪرائڻ کانپوءِ هو وڌيڪ بالنگ جاري نه رکي سگهيو هو ۽ هن کي واپس ڊريسنگ ڏانهن موٽڻو پيو، ان جي جاءِ تي احمد صافي عبدالله اوور مڪمل ڪرايا، ٻين اننگ ۾ به حسن علي پاڻ کي فٽ نه رکي سگهيو، امڪان آهي ته آرام جي ڪم سان هو جمعي کان شروع ٿيندڙ ٽئين رائونڊ ۾ بلوچستان خلاف ايڪشن ۾ نه ايندو. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *