امريڪي صدارتي چونڊون: ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ باوجود ٽرمپ جي پوزيشن ڪمزور، جوبائيڊن کي رڳو 6 ووٽ گهربل

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪي صدارت لاءِ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن وائيٽ هائوس کان رڳو ڪجهه وِکون پري آهي، کيس فتح لاءِ رڳو 6 اليڪٽورل ووٽن جي گهرج آهي ۽ جيڪڏهن سندس پارٽي رڳو نيواڊا مان کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته اتان 6 اليڪٽورل ووٽن سان جو بائيڊن حتمي طور فتح حاصل ڪري وٺندو. واضح رهي ته آمريڪا ۾ ووٽرن جو مجموعي انگ 24 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، 2016 جي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر بڻيو هو، ان وقت 59.2 سيڪڙو آمريڪي ووٽرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو هو، جڏهن ته هن ڀيري ڪيل ڳڻپ موجب اها شرح 60 سيڪڙو جي ڀرسان پهچي چڪي آهي، ان سان گڏوگڏ ڪجهه سياسي مبصرن اها اڳڪٿي به ڪئي آهي ته اها شرح 65 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي. آمريڪا ۾ هن وقت رڳو ڪجهه رياستن جا نتيجا اچڻ باقي آهن، تقريبن 14 ڪروڙ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪو پاڻ آمريڪي تاريخ ۾ صدارتي چونڊن دوران وڌل ووٽن جو سڀ کان وڏو انگ آهي. موجوده صورتحال اها آهي ته هاڻ ووٽن جي ڳڻپ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران سڀني رياستن مان مڪمل پر غير سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. في الحال 538 اليڪٽورل ووٽن مان 264 ووٽ حاصل ڪري ڊيموڪريٽڪ اميدوار جو بائيڊن فيصلائتي فتح جي ويجهو پهچي چڪو آهي. آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار جي حتمي فتح لاءِ 270 يا ان کان وڌيڪ اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪرڻ لازمي هوندو آهي ۽ لڳي رهيو آهي ته جو بائيڊن اهي ووٽ حاصل ڪري صدر بڻجي ويندو. هوڏانهن موجوده آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 214 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهيو آهي، هاڻ سندس ڪاميابي جو مڪمل دارومدار سوئنگ اسٽيٽس تي آهي پر آمريڪي سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ کي سوئنگ اسٽيٽس مان به سمورا اليڪٽورل ووٽ ملي وڃن ته به هو مجموعي طور تي 268 اليڪٽورل ووٽ ئي حاصل ڪري سگهندو. جو بائيڊن جيتوڻيڪ پنهنجي فتح لاءِ پراميد آهي پر هن پنهنجي حامين کي چيو آهي ته جيستائين مڪمل نتيجا نٿا اچي وڃن، تيستائين هو پنهنجي فتح جو اعلان به نه ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *