عوام جي خدمت مشن آهي، هر رڪاوٽ ختم ڪري اڳتي وڌائينداسين: نواز شريف

لاهور  (اين اين آءِ) مسلم ليگ نون جي اهم غير رسمي مشآورتي اجلاس جاتي امراهه ۾ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پارٽي جي تنظيم سازي تڪ اين اي 120 جي ننڍي چونڊ پارٽي جي آئندا جي لائحه عمل سيمت گڏيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، پنجاب جي گورنر ملڪ محمد رفيق رڌوانا، پنجاب جي وڏي وزير، اسپيڪر سردار ايازصادق، خواجا محمد آصف، حمزا شهباز، احسن اقبال ، زاهد حامد، پرويز رشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ نوازشريف جي آئينداجي سرگرمين  بابت ڳالهيون ڪيون وييون ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڌيڪ صلاح سان آخري فيصلو ٿيندو.ان موقعي تي پارٽِي جي تنظيم سازي بابت به ڳالهه ٻول ٿي جڏهن تڪ 120 جي چونڊ مهم جي حوالي سان تجويزن تي به غور ڪيو ويو. ان موقعي تي نوازشريف جو چوڻ هو ته نون ليگ جي حڪومت ملڪ کي معاشي طور تي صحيح وقت ۾  آندو آهي. عوام جي خدمت مشن آهي ۽ هر رڪاوٽ کي ختم ڪري انکي اڳتي وڌائينداسين، هن چيو ته اسلام آباد کان لاهور جي سفر دوران عوام جھڙي طرح محبت ڏني انکي فراموش نه ڪري سگھندس. پاڪستان ۽ عوام جي ترقي جي ايجنڊي کي هر صورت ۾ اڳتي وڌائيندس، اجلاس کانپوءِ سردار اياز صادق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄو پاڪستان نوازشريف جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار اهي. هن چيو ته نوازشريف منهنجي دل ۾ اڃان تائين وزيراعظم آهي. ان لاءِ وزيراعظم نوازشريف جو لفظ منهنجي منهن بار بار وزيراعظم نڪري ٿو. اجلاس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته ڪڏهن ڪنهن اداري سان تڪرار جي ڳالهه نه ڪئي آهي. پاڪستان جي هر ڪنڊ نوازشريف جي آجيان تيار آهي نوازشريف هر هنڌ ويندو. آئين ۾ ترميم جي حوالي سان آپوزيشن جي تنقيد کي رد ڪندي اسپيڪر چيو ته جيڪو ٿيڻو هو اهو ٿي چڪو آهي هاڻي اڳتي ڏسڻو آهي هن ٻڌايو ته جمعي ۽ خميس اليڪشن سڌارن واري بل جي حوالي سان ملاقات ٿيندي جنهن لاءِ 125 اجلاس ٿي چڪا آهن، سينيٽر آصف ڪرماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جي اجلاس ۾62 ۽ 63 جي حوالي سان ڪابه ڳالهه نه ٿي اسان بار بار چئي چڪا آهيون ته عدليا جو احترام ڪيون ٿا، نوازشريف عوامي اڳواڻ ۽ ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي. هن چيو ته نوازشريف عدليا کي چيلينج ناهي ڪيو پر هو عدليا جو احترام ڪري ٿو. نوازشريف ڪنهن به موقعي تي ڪنهن اداري جو نالو نه ورتو پر سازش جو ضرور ذڪر ڪيو آهي ۽ وقت اچڻ تي هو خود ٻڌائيندو، هن چيو ته اجلاس ۾ اين اي 120 جي ننڍي چونڊ جي حوالي سان دوستن رائي ڏني آهي جنهن  تي ڳالهه ٻول ٿي. آئندا وڌيڪ اجلاس ٿيندا جنهن ۾ وڌيڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *