تعليم جي شعبي ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪرڻ جو اعتراف، بهتري ڏانهن وڃون پيا: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ/اين اين آءَ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي، خانگي شعبي جي شراڪتداري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. هن اها ڳالهه اڄ اقراءَ يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سنڌ اسميبلي جو ميمبر سعيد غني ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته تعليم صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو آهي. اسان تعليمي ايمرجنسي لڳائي آهي. هن چيو ته حڪومت تعليم جي شعبي ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي پر اسان بهتري ڏانهن وڃون پيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش چيلنجن جو حل تعليم ۾ آهي جيڪڏهن اسان اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪريون ته ملڪ جو مستقبل محفوظ هوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم ڏني وڃي. هن چيو ته تعليم جي شعبي جو سڀ کان وڏو مسئلو ايليمنٽري ۾ آهي، نجي شعبي جي ڀاڱيواري سان سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيو آهي. اسان تعليم جي معيار ۾ اضافي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ متعارف ڪرائي آهي. وڏي وزير يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ چيئرمين جنيد لاکاڻي کي اقراءَ يونيورسٽي جو هارورڊ بزنس اسڪول سان معاهدي ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اهو اقراءَ يونيورسٽي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. اقراءَ يونيورسٽي شروعات کان ئي معياري تعليم ڏني ۽ اقراءَ يونيورسٽي جو سنڌ ۾ تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. اقراءَ يونيورسٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بهترين ڪارناما انجام ڏنا. اڄ پڻ اقراءَ يونيورسٽي لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. معياري تعليم جو فائدو فرد، ڪٽنب ۽ ملڪ کي ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هارورڊ بزنس اسڪول سان اقراءَ يونيورسٽي جو معاهدو نهايت اهم آهي. اقراءَ يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم سان گڏ ايڇ بي ايڪس ڊگري ڏيندو. ايڇ بي ايڪس سرٽيفڪيشن سان عالمي معيار جي ڊگري اقراءَ يونيورسٽي کي پڻ ملندي. ان کان پهرين وڏي وزير يونيورسٽي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمبائينڊ افليوئينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪوٽڙي جي تڪميل لاءِ 63.781 ملين رپين جي منظوري ڏيندي صنعت واري کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اهي شهر ۾ ڪم ڪندڙ صنعتي يونٽن جي ڳڻپ ڪرائن ته جيئن ماحولياتي فائدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ افليوئينٽ ٽريٽنمينٽ پلانٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير پي اينڊ ڊي مير هزار خان بجاراڻي، صوبائي وزير ماحوليات محمد علي ملڪاڻي، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري صنعت عبدالرحيم سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيڪريٽري صنعت عبدالرحيم سومري چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سائيٽ لميٽيڊ ڪمائينڊ افليوئينٽ پلانٽ ڪوٽڙي ڪانٽريڪٽر کان وٺي ڇڏيو آهي. سائيٽ ان کي فعال بڻائڻ لاءِ باقي رهيل ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل ڪم جي منظوريءَ بعد هن ان جي لاڳت لاءِ 63.781 ملين رپين جي منظوري ڏني آهي. ڪوٽڙي ٽريٽمينٽ پلانٽ جي باقي رهيل ڪمن بابت تفصيل ٻڌائيندي صنعت واري سيڪريٽري چيو ته سمورن ٽينڪُن جي صفائي ڪئي وئي آهي ۽ اهو ڪم هڪ ٻيو ڪانٽريڪٽر ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد بابت ٻڌائيندي سيڪريٽري صنعت چيو ته مختلف صنعتن کي 1700 نوٽيس ۽ انهن جا رمائينڊر جاري ڪيا ويا آهن، اٽڪل 50 يونٽن جواب ڏنا آهن ۽ جيڪي ماڻهن اڃا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن انهن خلاف ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڪمبائينڊ افليوئينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ (سي اِي ٽي پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 5 سي اِي ٽي پي جي قيام جي حوالي سان 11390 ملين رپين جي منظوري عمل هيٺ آهي. سائيٽ وٽ 19 ايم جي ڊي ڊسچارج ڊزائين آهي، جنهن لاءِ 25 ايڪڙ ايراضي دستياب آهي ۽ ان تي 2.243 ملين رپيا لاڳت ايندي. ٽرانس لياري سي اِي ٽي پي جو ڊسچارج ڊزائين 27 ايم جي ڊي آهي، جنهن لاءِ 35 ايڪڙ ايراضي دستياب آهي ۽ ان جي لاڳت 3672 ملين رپيا آهن. ايف بي ايريا / نارٿ ڪراچي جو ڊسچارج ڊزئاين 12 ايم جي ڊي آهي ۽ 7 ايڪڙ زمين دستياب آهي ۽ ان تي 1590 ملين رپيا لاڳت ايندي. لانڍي / ڪورنگي سي اِي ٽي پي جو ڊسچارج 262 ايم جي ڊي آهي ۽ ان کي 35 ايڪڙ جي ايراضيءَ تي قائم ڪيو ويندو ۽ اٽڪل 3258 ملين رپيا لاڳت ايندي. هاءِ وي سائيٽ فيز ٽو جو ڊسچارج 10 ايم جي ڊي آهي ۽ 627 ملين رپين جي لاڳت سان 10.45 ايڪڙ ايراضي تعمير ڪئي ويندي. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم وڏي وزير کي برينفگ ڏيندي چيو ته 5 سي اِي ٽي پيز گدلاڻ کي قابو ڪرڻ ۽ صنعتي يونٽس لاءِ گهٽ لاڳت موئثر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام جي حوالي سان حڪومتي پاليسين تي عملدآمد ۾ مدد ڏيندا. هن چيو ته ان منصوبي سان وڏي صنعتي گدلاڻ واري پاڻي جي بي قائدگيءَ سان ٿيندڙ ڊسچارج کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مدد ملندي ۽ واٽر باڊي وصول ڪرڻ جي صورتحال به بهتر ٿيندي ۽ ان سان علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي سان گڏوگڏ ماحول به بهتر ٿيندو. ماحوليات واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ چيو ته سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي (اِي پي اي) فعال طرقي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ هن وقت تائين پاڻي جي معيار تي 37 رپورٽس جنريٽ ڪيون آهن. هن چيو ته انهن ٽيسٽ رپورٽ جي بنياد تي ڪارروائيءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته اي پي اي جا 10 وڌيڪ آفيس کوليا پيا وڃن جنهن لاءِ فنڊ گهربل آهن ان تي وڏي وزير 100 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيڪريٽري ماحوليات بقاءُ الله انڙ اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ انوائرمينٽل ٽربيونل سامهون 25 ڪيس پيش ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 35 صنعتي يونٽن کي اِن هائوس ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ گدلاڻ کي قابو ڪرڻ لاءِ انوائرمينٽل مئنيجمينٽ پلان (اِي ايم پي) تحت خاطر خواهه اپاءَ ورتا پيا وڃن. هن چيو ته اِي پي اي جي مداخلت بعد 125 صنعتي يونٽن پنهنجا ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪيا آهن. هن چيو ته ڪوٽڙي ۽ ڪورنگي ۾ چمڙي جي صنعتن پنهنجا 100 ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا آهن جيڪي بهتر ريت ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسيءَ اسپتالن ۽ صنعتن کي 127 خط لکيا آهن جن مان 100 خط پرسنل هائيرنگ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته شهر جي صنعتي علائقن ۾ مٽي جي اخراج جون رپورٽس آهن ان تي صوبائي ماحوليات واري وزير محمد علي ملڪاڻيءَ چيو ته 62 يونٽ آهن جيڪي ڪريشنگ ڪندا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اي پي اي 2.2 ملين رپيا ڏنڍ جي مد ۾ 11 صنعتي يونٽن کان اي پي اي جي قائدن جي خلاف ورزي تي ورتا آهن. وڏي وزير صنعت ۽ ماحوليات کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي صنعتي يونٽن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته اهو ڳنڀير مامرو آهي ۽ ان کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي ۽ هر 15 ڏينهن اندر رپورٽ ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *