سنڌ مان جبري گمشدگين تي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڳڻتي، وارثن جو سينيٽ چيئرمين کي به خط…..!

ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي اڳواڻ ۽ وائيس فارمسنگ پرسن آف سنڌ جي ڪنوينر پنهل سارئي جي کنڀجڻ جو نوٽيس وٺندي پاڪستان سرڪار تي زور ڀريو آهي ته کين آزاد ڪيو وڃي يا سندس موجودگي ۽ قانوني ڪارروائي بابت سندس خاندان کي آگاهه ڪيو ڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب پنهل ساريو کي حيدرآباد ۾ خانابدوش ڪيفي کان ٻاهران ايندي زوري کنڀيو ويو، سندس دوست ڊاڪٽر سريش ڪمار هن واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي، جنهن موجب پنهل ساريو کي سول ڪپڙا پهريل ماڻهن ۽ پوليس وردي پاتل اهلڪار زوري کنڀي ويا. پنهل ساريو کي ان وقت کنڀيو ويو جڏهن ٻئي ڏينهن تي گم ٿيلن بابت اديبن ۽ قلم ڪارن جي ڪانفرنس رٿيل هئي. پنهل ساريو جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي. مٿس سخت تشدد ۽ قتل جو به خدشو آهي. رپورٽ موجب سنڌ ۾ هن وقت 60 کان مٿي سياسي ڪارڪن گم آهن، انهن جي آزادي لاءِ هو احتجاج ڪري رهيو هو. صابر چانڊيو، خادم آريجو، هدايت لوهار ۽ بخش علي مغيري کنڀجي چڪا آهن، جن جو تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ سان آهي. هنن حڪومت تي زور ڏنو آهي ته پنهل ساريو سميت سرڪاري حراست هيٺ جيڪي به ماڻهو آهن، انهن جو کليو عدالت ڪيس هلائي سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل سفارتڪارن سميت صدر، وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن به اپيل جون ڪاپيون اماڻيون آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڏهاڪي کان ماڻهو کنڀجڻ جو سلسلو جاري آهي پر فيبروري 2017ع کان سلسلو تيز ٿي ويو آهي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا مان ماڻهو گم ڪيا ويندا رهيا آهن پر پنجاب ۾ به اهي ڪارروايون شروع ٿيون. آگسٽ 2015ع ۾ پنجاب ۾ هڪ صحافڻ زينت شهزادي کي لاهور مان کنڀيو ويو،زينت شهزادي اڃا تائين گم آهي. هن کي ڀارتي شهري حامد انصاري جي گم ٿيڻ بابت رپورٽنگ ڪرڻ تي زوري کنڀيو ويو آهي. جنوري 2017ع ۾ سلمان حيدر، عاصم سعيد ۽ ٻيا بلاگر انساني حقن جا اڳواڻ اسلام آباد ۽ پنجاب مان کنڀيا ويا، پاڪستان جي گڏيل قومن جي قانون تي صحيح ڪيل آهي انساني حقن جو احترام ڪري.

جسقم چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مريءَ سنڌ مان گم ڪيل  قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ  سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  زرداري ۽ وزيرِ اعليٰ مراد علي شاهه کي الڳ الڳ خط لکيا آهن، جن ۾ کين گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا تفصيل پڻ موڪليا ويا آهن. سنينٽ چيئرمين رضا رباني ڏانهن لکيل خط ۾ اهو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته اڳ ۾ پ پ سينيٽر تاج حيدر سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پُرامن قومي ڪارڪنن جي لسٽ پيش ڪري چڪو آهي پر ان کان پوءِ به ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آهن. کيس پنهنجا فرض ۽ اختيار ياد ڏياريندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته گم ڪيل بي گناهه قومي ڪارڪنن جي جلد آزادي لاءِ ڪو خاطر خواهه ردِعمل ظاهر ڪيو وڃي. ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي لکيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن گم ڪيا ويا آهن. سنڌ جي اقتداري پارٽيءَ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کانئس مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي ايوانن ۾ ويٺل نمائندن جي ذريعي هڪ ڀرپور ٺهراءُ پيش ڪرائي قومي ڪارڪنن جي زندگي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.جڏهن ته وڏي وزيرِ مراد علي شاهه ڏانهن لکيل خط ۾مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ادارن کان سوال ڪيو وڃي ته آخر ڪهڙي ڏوهه عيوض سون جي تعداد ۾ بيگناهه سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *