عوام ايمنسٽي اسڪيم ۾ شامل ٿئي ۽ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري، 30 جون کان پوءِ موقعو نه ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر عوام کي اپيل ڪئي ته عوام ايمنسٽي اسڪيم ۾ شامل ٿئي ۽ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري 30 جون کان پوءِ موقعو نه ملندو جيستائين اسان ٽيڪس نه ڏينداسين اسان جو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهجي عظيم قوم بڻجڻ لاءِ اسان کي پنهنجو پاڻ تبديل ڪرڻو پوندو گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 کان 30 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو ساليانو اسان 4 هزار ارب ٽيڪس گڏ ڪريون ٿا جنهن مان اڌ رقم گزريل حڪومتن لاءِ ورتل قرض ادا ڪرڻ ۾ وڃي ٿي بچيل پئسن مان ملڪ جا خرچ پورا نٿا ٿي سگهن اسان ۾ جذبو اچي ويو ته اسان ساليانو 10 هزار ارب رپين تائين به ٽيڪس جمع ڪري سگهون ٿا سومر تي پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو تي قوم جي نالي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ساليانو 4 هزار ارب رپيا جيڪا ٽيڪس گڏ ڪيون ٿا ان مان اڌ 200 ارب رپيا انهن قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ تي خرچ ٿي وڃن ٿا باقي بچيل رقم مان ملڪ جا خرچ پورا نٿا ٿي سگهن هن چيو ته پاڪستاني اها قوم آهي جيڪا بدقسمتي سان سڀ کان گهٽ ٽيڪس ڏي ٿي پر خيرات سڀ کان وڌيڪ ڪري ٿي هن چيو ته جيستائين اسان ٽِڪس نه ڏينداسين اسان ترقي نٿا ڪري سگهون بنا نالي اثاثا بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻار پيل پئسا ظاهر ڪرڻ جو 30 جون تائين وقت آهي هن چيو ته سڀني کي اپيل آهي ته اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم ۾شامل ٿيو هن چيو ته اسان جي حڪومت وٽ اها ڄاڻ آهي جيڪا اڳ ڪنهن حڪومت وٽ نه هئي وزيراعظم چيو ته جيستائين ڪائي قوم پاڻ ڪوشش نه ڪري الله تعاليٰ ان جي حالت تبديل نٿو ڪري اثاثا ظاهر ڪرڻ جي اسڪيم مان فائدو وٺو ۽ پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *