تڪراري فيصلن کي عوام ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو، جيالا پر امن رهن: بلاول زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردراي ڪارڪنن کان پرامن رهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جي امڪاني گرفتاري جي ڪري هن چيو ته ڪارڪن ڪاوڙ ۾ نه اچن. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته تڪراري فيصلن کي عوام ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هميشه عدالتن ۾ بي گناهي کي ثابت ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي طرفان فيصلن جي باوجود قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *