حڪومت طئه ٿيل هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي: اقتصادي سروي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت هلندڙ مالي سال دوران طئه ٿيل هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. اقتصادي سروي رپورٽ 2018-2019 ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ طئه ٿيل هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، زراعت، صنعت، مينوفيڪچرنگ، خدمتن ۽ ٻين شعبن ۾ اهم معاشي هدف حاصل نه ٿي سگهيا. رپورٽ موجب ملڪ ۾ مجموعي معاشي ترقي 6.2 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 3.3 سيڪڙو رهي، زرعي شعبي جي ترقي 3.8 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ 0.8 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ 1.9 سيڪڙو هدف مقرر ڪيو ويو، پر اُن جي مقابلي ۾ 1.4 سيڪڙو ترقي رهي، خدمتن جي شعبي ۾ واڌارو 6.5 سيڪڙو هدف جي مقابلي ۾ 4.7 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته بجلي جي پيداوار ۽ گئس جي پهچ ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اقتصادي سروي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ڪپهه، ٻيلن ۽ فشريز جي شعبن لاءِ به طئه ٿيل هدف پورا نه ٿي سگهيا، لائيو اسٽاڪ شعبي طئه ٿيل 3.8 سيڪڙو کا وڌيڪ يعني 4 سيڪڙو ترقي ڪئي، جڏهن ته هول سيل ۽ ري ٽيل شعبي لاءِ 7.8 سيڪڙو هدف مقرر ڪيو ويو، پر اُن جي ترقيءَ جي شرح 3.1 سيڪڙو رهي. ٻيلن جي شعبي ۾ پيداوار جي شرح 8 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي، پر هدف جي اُبتڙ اُها شرح رڳو 4 سيڪڙو رهي، ماهيگير شعبي جي پيداواري شرح 1.8 سيڪڙو مان 0.8 سيڪڙو رهي، اُن کانسواءِ اڏاوتي شعبي جي ترقي 10 سيڪڙو جي اُبتڙ ڪاٽو 3 سيڪڙو رهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *