عمر اڪمل کي ٽي سال جي سزا نه پر تاحيات پابندي لڳڻ گهرجي: راشد لطيف

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته عمر اڪمل تي تاحيات پابندي لڳڻ گهرجي ها.صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي عمر اڪمل کي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 30

 سزا ته ملڻي ئي هئي، مان پهريان به چئي چڪو آهيان ته هي سلسلو رڪجڻ وارو ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان معاملي تي قانونسازي ڪري پارليامينٽ مان باقاعده طور تي منظوري ڏياري آئين جو حصو بنايو وڃي. ائين ڪرڻ سان پي سي بي کي ان قسم جي معاملن تي فيصلو ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي.قانون جي روشني ۾ ڏوهه ڪرڻ تي ڏوهاري کي سزا ملي سگهندي. هڪ سوال تي راشد لطيف چيو ته عمر اڪمل جي لاءِ ٽن سالن جي سزا جو فيصلو تمام گهٽ آهي. 3 سال جلد ختم ٿي ويندا ان سان جنهن به رانديگرن کي سزائون ملڻيون هيون اهي پنهنجون سزائون مڪمل ڪري واپس ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ اچي ويا آهن.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر باسط علي چيو ته عمر اڪمل خراب ٿيل ٻار جيان آهي هن لاڳيتو غلطيون ڪري پاڻ سان ناانصافيون ڪيون. هن کي ڪرڪيٽ جي ڪيريئر دوران تمام گهڻا موقعا مليا مان عمر اڪمل جو ڪوچ رهيو آهيان ۽ اها ڳالهه منهنجي علم ۾ آهي ته هو پنهنجي حرڪتن سبب هر سال پابندي جو شڪار ٿيندو رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *