رميز راجا جي عمر اڪمل مٿان سخت تنقيد: ڪرپٽ رانديگرن کي جيل موڪلڻ جو مطالبو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي اوپنر رميز راجه عمر اڪمل تي سخت تنقيد ڪندي ميچ فڪسنگ جي حوالي سان قانونسازي ۽ ڪرپٽ رانديگرن کي جيل موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.رميز راجه چيو

 آهي ته هاڻ عمر اڪمل به آفيشل طور تي بيوقوفن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان تي 3 سال جي پابندي لاڳو ٿي چڪي آهي. هن پنهنجو ٽيلنٽ ضايع ڪري ڇڏيو آهي.رميز راجه چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ هي مناسب موقعو آهي ته هو ميچ فڪسنگ جي خلاف باقاعده قانونسازي ڪري ۽ ڪرپٽ رانديگرن کي جيل موڪليو وڃي.ٻئي صورت ۾ کين وڌيڪ ڪيسن جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *