وفاقي حڪومت فردوس عاشق آئوٽ ڪندي شبلي فراز کي سڌ سماءَ جو وزير مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) فردوس عاشق اعواڻ کي هٽايو ويو، شبلي فراز سڌ سماءَ جو وزير مقرر، ليفٽيننٽ رٽائرڊ عاصم سليم باجوه کي سڌ سماءِ بابت وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي، سومر تي وزيراعطم جي سڌ سماءَ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 33

بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ کان عهدو واپس ورتو ويو، فردوس عاشق اعواڻ جي جاءِ تي سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوه کي وزيراعظم جو نئون سڌ سماءَ بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو، فواد چوڌري ٽوئيٽ ذريعي وفاقي ڪابيان ۾ ٿيل تبديلي جي تصديق ڪندي چيو ته شبلي فراز ۽ عاصم سليم باجوه گڏجي هڪ بهترين ٽيم ٺاهيندا، سرڪاري ٽي وي به عاصم سليم باجوه کي وزيراعظم جي خاص سڌ سماءَ جو مددگار مقرر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ فواد چوڌري کي سڌ سماءَ جي وزارت جو قلمدان مليو هو، بعد ۾ ان کان اهو عهدو واپس وٺي فردوس عاشق اعواڻ کي خاص مددگار مقرر ڪيو ويو، هاڻ ان تبديلي جو اعلان سڀ کان پهريان فواد چوڌري ڪيو آهي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان شبلي فراز کي آگسٽ 2018 ۾ سينيٽ ۾ قائد اعوان مقرر ڪيو هو، شبلي فراز 2015 ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ڪي پي ڪي مان سينيٽر مقرر ٿيو هو. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *