عمران ۽ ترين نااهلي ڪيس،  آئين ۽ قانون کي نشانو بڻايو پيو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس دوران چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته آئين ۽ قانون کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ عدالت ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تي صبر ۽ تحمن جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ عدالت کي درخواست ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي چئو عمران خان 1997ع جي نامزدگي ڪاغذ فراهم ڪري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته شيخ صاحب، جيڪڏهن 1997ع جو فارم رهجي به ويو ته ان ڪيس کي ڊيگهه نه ڏني وڃي. ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته رڪارڊ گهرائڻ تي مون کي اعتراض ناهي، جيڪڏهن ڄاڻ درست نه هئي ته آر او نامزدگي ڪاغذ رد ڪري سگهو ٿو. ڌرين جي دليلن کانپوءِ عمران خان جي 1997ع وارن ڪاغذن جي نامزدگي گهرائڻ جي درخوست رد ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال وڪيل اڪرم شيخ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو ڪيس نئون رُخ اختيار ڪري ويو آهي، ان وقت 3/184 تحت ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، ترديد نه ٿيڻ جوڳن ثبوتن جو ٻوجهه درخواست گذار جي ڪلهن تي آهي، جيڪڏهن جواب مان بظاهر طور مطمئن ٿياسين ته وڌيڪ تفصيلن ۾ نه وينداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڳالهائڻ نه پئي چاهيوسين پر ڳالهه نڪتي آهي ته ٻڌائي ٿا ڇڏيون آئين ۽ قانون کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر اسان انتهائي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، ڇا ان طريقي سان آئين ۽ قانون کي نشانو بڻائڻ محب الوطني آهي. چيف جسٽس چيو داد ڏيو ته اسان سڀ ٻڌي رهيا آهيون پر اها ڳالهه ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ ناهيون ڏيندا، ڪمال ڏسو ڳالهيون ٿي رهيون آهن پر اسان صبر ڪري رهيا آهيون، دنيا ۾ انعام ملي يا نه پر صبر ۽ تحمل تي آخرت ۾ مغفرت ضرور ٿيندي. عدالت اڄوڪي ڪارروائي دوران ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *