نواز شريف ادارن سان ٽڪراءَ جي خطرناڪ راند کيڏڻ پيو وڃي : آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو چوڻ آهي ته نواز شريف ادارن سان ٽڪراءَ جي خطرناڪ راند کيڏڻ وڃي رهيو آهي ۽ پنهنجي ذات ۽ خاندان لاءِ ملڪي سلامتي داءَ تي لڳائي رهيو آهي، گذريل ڏينهن به نواز سريف جي عدليه بابت بيان تي آصف زرداري ان تي سخت تنقيد ڪندي چيو هيو ته موجوده حالتن ۾ نواز شريف سان سهڪار ملڪ دشمني برابر هوندو، خميس ڏهاڙي اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي اصف زرداري چيو ته نواز شريف ادارن سان ٽڪراءَ جي خطرناڪ راند کيڏڻ وڃي رهيو آهي، اهو پاڪستان کي ان طرف وٺي وڃي رهيو آهي، جتي ڪنهن کان نه سنڀالجي سگهندو، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ذات ۽ خاندان جي لاءِ ملڪي سلامتي داءَ تي لڳائي رهيو آهي، اهو پارليامينٽ ۽ عدليه سميت سمورن ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، اڳوڻي صدر جو چوڻ هيو ته جتي رياستي ادارا تباهه هجن، اتي گهرو ويڙهه ٿيندي آهي، رياستي ادارا ٽٽي وڃن ته ملڪن جو حال افغانستان، عراق، لبيا جهڙو ٿيندو آهي، جن ملڪن جا رياستي ادارا ٽٽا، انهن کي آمريڪي، نيٽو فوجون به نه سنڀالي سگهيون، پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي نواز شريف کي اها خطرناڪ راند کيڏڻ نه ڏيندي، ڇو ته هي ملڪ تباهه ڪري ڀڄي ويندا پر اسان کي هتي ئي رهڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *