ڌارين جي نيڪالي لاءِ پوليس کي اختيار ڏيڻ جي سفارش

سنڌ ايپڪس ڪميٽي دهشتگردن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ زمينن تي قبضن ۾ ملوث مافيا خلاف آپريشن جو فيصلو ڪندي دهشتگردن جا 28 ڪيس فوجي عدالتن کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ ۾ موجود 25 لک غيرقانوني پرڏيهي مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت کي پوليس کي اختيار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي،   مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ڪنهن جي به سياست تي اعتراض نه آهي پر شهر ۾ ڏڦيڙ ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ان معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.ڪراچي سيف سٽي رٿا لاءِ نگران ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، ان ڪميٽيءَ ۾ رينجرز، پوليس ۽ ٻين ادارن مان ميمبر چونڊيا ويندا، جيئن ئي سمورا نالا ملندا ته اسان آگاهه ڪري ڇڏينداسين. سائبر ڪرائيم تمام سنگين مسئلو آهي، ان حوالي سان پوليس ۽ رينجرز پنهنجون سفارشون پيش ڪن. گهرو وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ  لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي ۽ ان آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي. رينجرز ترجمان اجلاس کي ٻڌايو ته هڪ ڀيرو اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهارين کي سنگين سزائون ڏنيون وڃن ته معاملو ضابطي ۾ اچي ويندو ۽ هن وڌيڪ ٻڌايو  ته گذريل ايپڪس ڪميٽيءَ جي فيصلي مطابق چوٿين شيڊول جي لسٽ اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. هاءِ پروفائيل قيدين جي ڪيسن کي بدين جي عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ اهي ڪيس منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيئن ئي ڪيس منتقل ٿي ويندا ته هاءِ پروفائيل قيدي بدين جي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويندا. آءِ جي پوليس مدرسن جي رجسٽريشن، تعمير وغيره لاءِ قانوني مسودو تعليم، صنعت ۽ اوقاف کاتن ڏانهن موڪليو آهي، جيئن ئي اهو قانوني مسودو تيار ٿيندو ته وڏي وزير جي منظوريءَ سان ان کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ترميم ڪري، ان ترميم سان چوٿين شيڊول ۾ شامل ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽس مان ٽرانزيڪشن رڪجي ويندي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانون وارو وزير، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي . وڏي وزير ڪميٽيءَ کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان لاڳاپيل عدالتون بڻائڻ لاءِ کين حڪومت جي درخواست پهچائي وڃي. ڪميٽي اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيسن ۽ درجي بنديءَ جي تفصيلن تي ڪم ڪري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ۽ ايندڙ ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ان بابت ٿيل اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ زمينن تي قبضي جو مسئلو به بحث هيٺ آندو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته  شهر ۾ پروفيشنل قبضو ڪندڙ موجود آهن ۽ اهي جعلي پيپرز بڻائڻ جا به ماهر آهن. سچل ڳوٺ، منگهوپير، سرجاڻي ٽائون، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾ منظم طريقي سان زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن،  جعلي ڪاغذ ٺاهي سرڪاري زمين تي ماڻهو قبضو ڪندا آهن ۽ جڏهن سرڪاري يا خانگي مالڪ اصلي ڪاغذات کڻي عدالت پهچندا آهن ته جعلي پيپر وارن جي فائيل ايتري ته ٿلهي هوندي آهي جنهن کي ڏسي ڪيس مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي. وڏي وزير چيو ته اهو تمام سنگين ڏوهه آهي ۽ ان خلاف زبردست حڪمت عملي جوڙي ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته قبضن ۾  دهشتگرد، منظم گروهه ۽ پروفيشنل قبضي مافيا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم دهشتگردي ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *