عمران ڪيس آڏو منهنجو ڪيس ڪجهه ناهي، انصاف جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائينداسين: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان پنجاب هائوس ۾  مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ملاقات ڪئي، مسلم ليگ ن جي صدر پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پنهنجن علائقن ۾ متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان موقعي تي عمران خان جي ڪيس تي تبصرو ڪندي نواز شريف چيو ته منهنجو ڪيس ته عمران خان جي ڪيس جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نه هو، جمائما پيسا موڪليا هئا ته پنهنجي مڙس جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ها، جمائما مڙس ڏانهن پيسا موڪلڻ بدران ڪنهن ٻئي ڏانهن موڪليا، ٻڌايو وڇي ته بني گالا ۾ گهر ڪيئن بڻيو؟ هن چيو ته پارٽي پرڏيهي فنڊنگ وارو معاملو به 5 سالن تائين محدود ڇو ڪيو ويو؟ پي ٽي آءِ جو چيئرمين چوندو آهي ته هو ڏوهاري آهي،  پر اعليٰ عدليه جي بينچ چئي ٿي ته نه، نواز شريف چيو ته عمران خان قبوليو آهي ته نيازي سروسز سندس اثاثو آهي، عمران خان نيازي سروسز جي اڪائونٽ ۾ لکين پائونڊ قبوليا. نواز شريف دانيال عزيز کي ميڊيا بريفنگ جي هدايت ڪندي چيو ته عمران خان ۽ پانام ڪيس کي ڀيٽي ميڊيا کي بريف ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *