41 ملڪي اتحاد ڪنهن خلاف ناهي، ڌرڻي ۾ فوج ملوث نڪتي ته عهدو ڇڏي ڏيندس: آرمي چيف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان سينيٽ کي ملڪي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. تفصيل موجب سينيٽ جي سڄِ ايوان جي ڪميٽي جو خاص بند ڪمري وارو اجلاس ٿيو جيڪو 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پارليامينٽ جي ميمبرن کي قومي سلامتي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اهو اجلاس ان حوالي سان به اهميت تي ٻڌل هو ته پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ فوج جي سربراهه ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز سينٽ کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي ايم او جنرل ساحر شمشاد مرزا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ۽ ڊي جي ايم آءِ به موجود هئا. ذريعن موجب پاڪ فوج جي سربراهه سينيٽرن کي علائقائي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال خاص ڪري سعودي اسلامي فوجي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت تي اعتماد ۾ ورتو. بريفنگ کان پوءِ سوالن ۽ جوابن جو سيشن به ٿيو جنهن ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي سوالن جا جواب عسڪري اختيارين ڏنا. ڪميٽي جو اجلاس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان جي ڪري گهرايو ويو هو جنهن دوران اڳتي لاءِ حڪمت عملي به ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن، فيض آباد ڌرڻي ۽ طالبان ۽ داعش بابت به سوال پڇيا ويا. مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله خان ڌرڻي بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ آرمي چيف چيو ته جيڪڏهن ثابت ٿي ويو ته ڌرڻي جي پٺيان فوج هئي ته آئون استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. هن چيو ته جڏهن ڌرڻو هنيو ويو ته منهنجي ذهن ۾ لال مسجد وارو واقعو به آيو، مون ڊي جي آءِ ايس آءِ کي چيو ته ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيو، ڳالهيون ته خبر پئي ته انهن جا چار مطالبا آهن پوءِ وري هڪ ئي مطالبي تي اچي ويا، سعودي عرب ويندي به ڌرڻي بابت ڄاڻ وٺندو رهيس. گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ آرمي چيف چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا مختلف سبب آهن، ڪجهه ماڻهو پاڻ غائب ٿي گم ظاهر ڪرائيندا آهن، ايجنسيون رڳو انهن ماڻهن کي جاچ لاءِ تحويل ۾ رکندي آهي جيڪي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهن. اجلاس ۾ آرمي چيف هر هر زور ڏيندي چيو ته پارليامينٽ ئي سڀ ڪجهه آهي. آرمي چيفچيو ته توهان پاليسي بڻايو، اسان عمل ڪنداسين، اسان کي ڏسڻو آهي، اڄ ڇا ٿي رهيو آهي، اڄ ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ وڃن جو ڪو به فائدو ناهي. آرمي چيف جي ڳالهين کان پوءِ ڪجهه وقت تائين ڊي جي آءِ ايس آءِ وضاحت ڏيندو رهيو.  ذريعن موجب ڊي جي ايم او جنرل ساحد شمشاد مرزا طرفان سينيٽ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته فوجي عدالتن ۾ هن وقت تائين 274 ڪيسن جا فيصلا ٿيا، 161 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي جن مان 56 ڏوهارين کي ڦاهي ڏني وئي. 13 ڏوهارين کي آپريشن رد الفساد کان پهرين ڦاهي ڏني وئي ۽ 43 کي آپريشن کان پوءِ ڦاهي ڏني وئي. اجلاس دوران هڪ موقعي تي سينيٽر يعقوب ناصر جي شور سبب هال ۾ بدمزگي پيدا ٿي. مسلم ليگ ن جي سينيٽر يعقوب ناصر ٻيو سوال ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي هنگامو ڪيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ کيس چيو ته توهان جو ذاتي مسئلو آهي ته چيئرمين کي ٻڌايو يا اسان وٽ اچو، چيئرمين صاحب جيئن چوندو اسان ائين ڪنداسين.  سينيٽ جي سڄي ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي ان اهم اجلاس جي موقعي تي پارليامينٽ جون سموريون گيلريون بند ڪيون ويون ۽ پريس لائونچ کي به تالا لڳايا ويا جڏهن ته ميڊيا کي ڪيميرائون اندر آڻڻ کان به منع ڪيو ويو. پارليامينٽ پهچڻ تي آرمي چيف جو استقبال سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري ڪيو. آرمي چيف سڌو سينيٽ چيئرمين جي چيمبر ۾ ويو ۽ رضا رباني سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد ايوان ڏانهن ويندي سينيٽ جي چيئرمين جمهوري گهٽي ڏانهن اشارو ڪندي آرمي چيف چيو ته اها جمهوري گهٽي آهي. آرمي چيف ان تي سرسري نظر وجهي اڳتي هليو ويو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طفان سينيٽ کي ملڪي ۽ خطي جي صورتحال تي بريفنگ وئي خدشا ختم ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته اسلامي فوجي اتحاد ڪنهن ملڪ خلاف ناهي، ايران ۽ سعودي عرب ۾ ويڙهه ٿيڻ نه ڏينداسين. پ پ جي سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ سوال ڪيو ته فوج جي موجوده ڪردار کان توهان مطمئن  آهيو. هن چيو ته ڇا فوج کي موجوده ڪردار کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته فوج جو آئين ۾ جيڪو ڪردار آهي تنهن مان مطمئن آهيان. هن چيو ته 41 ملڪن جو اتحاد ڪنهن ملڪ  جي حفاظت ناهي، اڃا ٽي آر اوز طئي نه ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايران ۽ سعودي عرب ۾ جنگ ٿيڻ نه ڏيندو. ان موقعي تي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جيستائين اسان هڪ آهيون ڪير به شڪست نه ٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته سمورن سينيٽرن فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو. سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي صورتحال تي پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي چيو ويو ته پاڪستان محفوظ ملڪ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *