عمران پ پ جي پاناما بل جي مخالفت ڪري حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيو آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ سان هڪ قدآور شخصيت جو اضافو ٿيندو، جمهوريت کي تسلسل ڏيندڙ هڪ مدبر قومي سوچ جي حامل سياستدان جو پارليامينٽ ۾ اچڻ سٺو قدم آهي. آصف علي زرداري جي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي اعلان کان پوءِ مخالفن ۾ هلچل مچي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ سندس چيئرمين جي لاءِ سنڌ ڪڏهن به ترجيح ۾ ناهي رهيو ڪراچي عمران خان لاءِ علائقه غير ناهي. عمران خان پيپلز پارٽي جي پانامه بل جي مخالفت ڪري دراصل حڪومت کي سپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پارليامينٽ ۾ افاديت وڃائڻ واري ڳالهه سمجهه کان مٿانهون آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي آمد پيپلز پارٽي ۾ هڪ نئين روح وجهي ڇڏي آهي ۽ پيپلز پارٽي جون سرگرميون وڌيڪ تيز ٿي وينديون. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ پيپلز پارٽي ان جي تياري ڪري رهي آهي. جلد تاريخ به مقرر ڪئي ويندي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو ويندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته آصف علي زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. شريڪ چيئرمين جي ان اعلان کان پوءِ سياسي مخالفن ۾ هلچل مچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان کي اڪيلي سر ڪاميابي نٿي ملي سگهي کيس اپوزيشن سان گڏجي هلڻ گهرجي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪابه تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهي، ڇو ته ان جون پاڙون عوام ۾ پکڙيل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *