سي پيڪ جا فائدا رڳو پنجاب ۾ نظر پيا اچن، ان تي ڪم اسان ڪيو نالو به نه پيو کنيو وڃي: آصف زرداري

نواب شاهه (م.ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته عوام سان ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ عوام جو آواز بڻجندس، سي پيڪ تي سڄي اسان جي محنت ٿيل هئي، پر هاڻي اسان جو نالو ئي نه ٿو کنيو وڃي، سي پيڪ منصوبي جا فائدا رڳو پنجاب ۾ نظر اچي رهيا آهن، ايران گئس پائيپ لائين اسان جي سرحد تائين پهچائي ڇڏي آهي، هاڻي حڪومت کي قدم وڌائڻو پوندو، اسيمبلي ۾ وڃڻ جو ڪو به شوق ناهي پر عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ نا انصافي خلاف اسيمبلي ۾ وڃڻو پوندو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪ ايران گيس منصوبو جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي. نواب شاهه ۾ پ پ اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي جي فائدن کان ٻيا صوبا محروم آهن، سي پيڪ تي سڄي محنت اسان جي ٿيل آهي، پر هاڻي اسان جو نالو نه پيو ورتو وڃي، ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ پارليامينٽ ۾ ان جو آواز بڻجندس، ايران گئس سپلاءِ لائن اسان جي سرحد تائين پهچائي ڇڏي آهي، هاڻي حڪومت کي قدم اڳتي وڌائڻو پوندو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *