سي پيڪ روٽ بابت شڪ ڦهلائيندڙ قوم جي خدمت نه ڪري رهيا آهن: ممنون حسين

پشاور (اين اين آءِ) صدر ممنون حسي چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ لائيف لائين منصوبي جي حيثيت رکي ٿو ان منصوبي جي خلاف پروپگنڊا ملڪ کي نقصان پهچائڻ ۽ عوامي جي ترقي کان محروم رکڻ جي ڪوشش آهي، هو جمعي تي گورنر هائوس پشاور ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي 140 جنم ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انقلاب آڻيندو، ان ڪيترن ئي ماڻهن پاران سي پيڪ اولهندي روٽ ۾ تبديلي بابت پروپگنڊا کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اولهندي روٽ ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سي پيڪ ۾ چائنا جي سيڙپڪاري 46 ارب ڊالر کان وڌيڪ 57 ارب ڊالر ٿي وئي آهي جيڪا سٺي ڳالهه سان گڏ ملڪ کي اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي ۽ سيڪيورٽي پاليسين جي ڪاميابي جو نتيجو آهي، صدر چيو ته سي پيڪ ملڪ جي مختلف علائقن ۽ خطي جي ملڪن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ ماڻهن کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو، هن چيو ته خطي جا ملڪ خاص طور تي وچ ايشيائي رياستون سي پيڪ جو حصو بڻجڻ چاهين ٿيون، هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن ۽ محفوظ آهي، پاڪستاني تيزي سان خوشحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن چيو ته آءِ ڊي پيز جي باعزت واپسي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته قبائلي علائقن ۾ شهري تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جو عمل به ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌايو پيو وڃي، صدر چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح هڪ نهايت باصلاحيت ۽ عظيم شخصيت جو مالڪ انسان هو جنهن قوم جي فائدي لاءِ ڪم ڪندي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، قائد اعظم پاڪستان ۽ پختونن سان وڏي محبت رکندو هو ۽ ان کي اسلاميا ڪاليج پشاور سان خاص دلچسپي هئي ۽ هن اسلاميا ڪاليج جا دورا به ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *