پنهنجا چار آنا خرچ نه ڪندڙن قوم جي دولت مان ڪروڙين رپيا ٽپ ڏئي ڇڏي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌسماءِ جي مددگار ڊاڪتر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن جا پرڏيهي دوران مال مفت دل بي رحم جي برابر آهن غريبن جي مال تي ٻاهر وڃي مزا وٺڻ ۽ سير ڪرڻ جو يوم حسام پهچي چڪو آهي اربع تي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٽيوٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پنهنجو هڪ رپيو به نه خرچ ڪندڙ قوم جي دولت مان ڪروڙين رپين جو ٽپ ڏيئي ڇڏيو هن چيو ته دولت لٽينڊر ٽپ ۾ قوم جو مال نه ڏين ها ته اڄ قوم غريب نه هجي ها هن چيو ته اڳوڻا حڪمران قوم جي مال تي بادشاهه بڻجي گهمندا هئا هن چيو ته اڄ هن ڦرلٽ کي بي شرمي سان استحقاق قرار ڏين ٿا هن چيو ته گاڏيون سرڪاري، ٻاهرين ملڪ ذاتي دورا به قوم جي کيسي مان ڪيا ويا ان جي حساب جو وارو آيو ته روئي رهيا آهن هن چيو ته هاڻي روئڻ ڪهڙي ڪم جو حساب ڪتاب ڏيڻ کان سواءِ جند نه ڇٽندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *