عمران صاحب پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻيهر ڪوڙ، آرڊيننس ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ٽيڪس چورن جو ڪوئي فورنزڪ آرڊر ٿيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب 300 ارب قرض معاف ڪرڻ تي حڪومت کي چئلينج ڪندي چيو ته عمران صاحب پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ٻيهر ڪوڙ، آرڊيننس ۾ ڪنهن هنڌ ناهي لکيو ته ان ٽيڪس چورن جو ڪو فورنزڪ آرڊر ٿيندو هن چيو ته عمران صاحب رات جي پهر ۾ جن چورن کي 300 ارب معاف ڪيا انهن جي لسٽ جاري ڪيو هن چيو ته عمران صاحب عوام جي پئسن تي رات جي اونداهي ۾ 300 ارب جو ڌاڙو ۽ صبح جو پڇا ڪري ٿو ته ڇا ٿيو هن چيو ته عمران صاحب 3 راتيون اڳ چيڪ چورن کي 300 ارب معاف ڪري ٿو ۽ عوام کي بي وقوف بنائڻ لاءِ نوٽيس وٺي ٿو هن چيو ته عمران صاحب جيڪڏهن گهر جو سربراهه چورن سان ملي وڃي ته گهر تباهه ٿي وڃي ٿو عمران صاحب عوام لاءِ اسپتالن ۾ مفت ٽيسٽ ۽ دوائون بند ۽ ٽيڪس چورن کي 300 بلين ڏيئي ڇڏيا هن چيو ته عمران صاحب عوام لاءِ حج ۽ ميٽرو تي سبسڊي ختم ۽ ٽيڪس چورن جو انعام 300 ارب رپيا هن چيو ته عمران صاحب گذريل سال جو تاريخي ٽيڪس اڳاڙي جو خسارو 570 ارب ۽ ٽيڪس چورن کي 300 ارب جي ڇوٽ هن چيو ته عمران صاحب جن ڪمپنين قانون موجب مڪمل رهتون ادا ڪيون انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي هن چيو ته عمران صاحب ڇا رياست ايتري ڪمزور اهي ته عوام کان اڳاڙيل رقم انهن طاقتور سرمائيندارن کان اڳاڙي نه ٿي سگهي هن چيو ته عمران صاحب ملڪي خزانن ۾ انهن ڌاڙن جي ڪري پارليمان ۽ اپوزيشن جو آواز بند ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *