ڪراچي ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سان زال مڙس فوت، ٻه ٻارڙيون زخمي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي کارادر مڇي مياني مارڪيٽ ۾ رهائشي عمارت جي ڇت ڪرڻ سان زال مڙس دٻجي فوت جڏهن ته انهن جون ٻه نياڻيون زخمي ٿيون آهن، ڪي ايم سي گوشت مارڪيٽ سامهون پراڻي عمارت ديوي ٻائي بلڊنگ جي ڇت رات دير سان ڌماڪي سان ڪري پيئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ ستل زال مڙس ۽ انهن جون ٻه نياڻيون زخمي ٿيون ايڌي پوليس ۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون ٿڏي تي پهتيون علائقي واسين جي مدد سان امدادي ڪم شروع ڪيو رضاڪارن هڪ الماڙي جي هيٺان دٻڌيل ٻن ٻارڙين کي حفاظت سان ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو ٻارڙي جي سڃاڻپ 10 ورهين جي زينب ڌيءَ اڪرم ۽ 8 ورهين جي ثانيه جي نالي سان ٿي زينب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اها والدين سان گڏ ستل هئي ته ڇت ڪري پئي ۽ الماڙي انهن جي مٿان اچي ڪري کين خبر نه آهي ته پو3 ڇا ٿيو ڪجهه دير کان پوءِ ٻارڙين جي والد محمد اڪرم ۽ محمد اڪرم جي زال نازيه کي به ٻاهر ڪڍيو ويو جتي ڊاڪٽرن انهن جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي ايس ايڇ او کارادر انسپيڪتر احسن ذوالفقار ٻڌيو ته فوتي زال مڙس جو اباڻو تعلق پنجاب سان هو ديوي ٻائي بلڊنگ 100 سالن کان پراڻي اهي جنهن کي گهڻو وقت اڳ زبون قرار ڏنو ويو هو ۽ ڄاڻايل خاندان کي عمارت خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر اهي ماڻهو غربت سبب اتي رهائش ڪري رهيا هئا. واضح رهي ته اولڊ سٽي ايريا ۾ اهڙيون ڳچ عمارتون آهن جن کي زبون قرار ڏنو ويو آهي. اڳوڻي ڪرائيدار ٻڌايو ته انهن 3 ڏينهن اڳ ئي عمارت خالي ڪري ڇڏي هئي عمارت ۾ صرف هڪ ئي فئملي رهندڙ هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *