حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جا نتيجا هاڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا: حفيظ شيخ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ آهي ته حڪومت جي بهترين معاشي پاليسين جا نتيجا هاڻ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. اقتصادي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ڏکي صورتحال هئي معيشت زبون حال جو شڪار هئي، پرڏيهي قرض 30 هزار ارب رپين کان وڌيڪ هئا، پنج سالن دوران زرعي شعبي ۾ ترقي ناهي ٿي پر ناڪاري ۾ ٿي. ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ٻڏندڙ معيشت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ موثر اقتصادي پاليسيون متعارف ڪرايون، عالمي بينڪ سميت مختلف ادارن سان رابطا وڌايا ۽ وسيلن جو بندوبست ڪيو ويو، آءِ ايم ايف پروگرام کي دنيا ساراهيو، مالي ڪفايت شعاري پاليسي آڻي ۽ سول حڪومت جي خرچن ۾ 50 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي جڏهن ته دفاعي بجيٽ منجمند ۽ ڪابينا جون پگهارون گهٽ ڪيون ويون. حفيظ شيخ چيو ته بجيٽ ۾ خريد ڪندڙن تي ڪو به ٽيڪس ناهي لڳايو، پر مراعتون ڏنيون ويون، فائلرز جي انگ ۾ 25 سيڪڙو واڌ  ٿي،  پاڪستان ۾ گذريل سال 19 لک ۽ هن سال 25 لک ٽيڪس فائلر ٿي ويا، ٻن مهينن ۾ ٽيڪس محاصل ۾ 24 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ پهرين ٻن مهينن ۾ 509 اربن بدران 580 ارب رپيا ٽيڪس جمع ڪيو ويو، سيلز ٽيڪس ۾ 43 سيڪڙو، ان لينڊ ٽيڪسن ۾ 39 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ ۾ برآمدات ۾ 2.23 ارب ڊالر وڌيا، درآمدات ۾ به گهٽتائي آئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 73 سيڪڙُ گهٽتائي آئي. ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته گيس چوري ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ گيس چوري جا 35 هزار ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، بجلي چوري روڪڻ سان 120 ارب بچايا ويا خانگي سيڪٽر کي بجلي گيس ۽ قرضن ۾ سبسڊي ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ بجلي جي سپلاءِ بهتر ڪئي ان قدم جو مقصد آهي ته خانگي واپار جي شعبي جا موقعا وڌايا، حڪومت تيل جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو صارفن تائين متنقل ڪيو، اهڙي بجيٽ آندي وئي جنهن ۾ ٽيڪس ۾ ڪا به واڌ ناهي ڪئي وئي. حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته 250 ارب جا منصوبا زراعت جي شعبي جا آهن، اميد آهي ته زرعي شعبي ۾ ترقي ساڍا 3 سيڪڙو هوندي، گردشي قرضن ۾ هر مهيني 35 ارب رپيا واڌ ٿي رهي هئي ان ۾ 28 ارب رپين جي گهٽتائي آندي وئ، بزنس جي رستي ۾ هر رنڊڪ ختم ڪري رهيا آهيون، معاشي ٽيم ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشي صورتحال جي بهتري جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جلد ئي حڪومتي معاشي پالسين جا نتيجا ۽ ثمر نظر اچڻ وارا آهن. ناڻي واري صلاحڪار ٻڌايو ته واپارين ۽ انڪم ٽيڪس ۾ ريفنڊ  ڪيا ويا، انڪم ٽيڪس ۾ 2015ع کان اڄ تائين جي وچولي طبقي جا رينفڊ مڪمل واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 2015ع کان اڄ تائين جي تصديق ٿيل سيلز ٽيڪس ريفنڊ جا حڪم ڏنا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *