سنڌ ۾ شاگرد يونينز تان پابندي هٽائڻ جي منظوري، شاگرد يونين تي پابندي آمريتي دور جو اڻ وڻندڙ داغ هو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ جي قانون ۽ ماحوليات بابت صوبائي صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته شاگرد تنظيمن کي بحال ڪرڻ لاٰءِ سنڌ حڪومت قانون سازي ڪري رهي آهي جنهن کان پوءِ شاگرد تنظيمن کي پوري سنڌ ۾ بحال ڪرڻ جا اُپاءَ ورتا ويندا. هن چيو ته اسٽوڊنٽ يونين تي پابندي آمريتي دور جو اڻ وڻندڙ داغ هو جنهن کان پوءِ تعليمي ادارن ۾ سياسي ۽ تعليمي سرگرميون سستي جو شڪار ٿي ويون. هن چيو ته سنڌ حڪومت شاگرد تنظيمن جي چارٽرڊ ۽ انهن جي مقصدن کي نظر ۾ رکندي انهن يونينز کي ريگوليٽ ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ موثر قانون سازي ڪندي ۽ طلبا تنظيمن جي مطالبن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت انهن جي ڀرپور معاونت ڪندي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي غير سياسي بڻائڻ به آمريت جي حڪمراني آهي جنهن کان پوءِ شاگرد ايندڙ زندگي ۾ سياست کان پري رهندا آهن جنهن جيڪري غير سياسي ماڻهن جي قيادت اڳتي ايندي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته اهو فيصلو سنڌ جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. تمام جلد شاگرد تنظيمن جي فعال ٿيڻ جو قانون سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت شاگرد تنظيمن جي مڪمل فعال ٿيڻ جي حمايت ڪري ٿي. خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري شاگرد تنظيمن جي سياست جي ڀرپور حمايت ڪندو آهي هن وڌيڪ چيو ته اهي شاگرد تنظيمون ئي اڳتي هلي ملڪ جون واڳون سنڀالينديون آهن ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون آهن انهن سرگرمين مان ئي سماجي معاملن کي سمجھڻ جو ڀرپور موقعو ملندو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *