عمران صاحب انڪوائري رپورٽ جو انتظار نه ڪريو، ڪڻڪ ۽ اٽي ۾ ڦرلٽ جون حقيقتون حاضر آهن: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران تي وزيراعظم عمران خان لاءِ حقيقت نامو جاري ڪندي  چيو آهي ته عمران صاحب انڪوائري رپورٽ جو انتظار نه ڪريو، ڪڻڪ ۽ اٽي ۾ ڦرلٽ جون حقيقتون حاضر آهن، هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار 20 سيڪڙو وڌائي ڏيکاري وئي ته جيئن ايڪسپورٽ مان ڪجهه ماڻهو پنهنجا کيسا ڀرين، هڪ بيان ۾ هن چيو ته مفاد پرستن 150 ڊالر في ٽن سبسڊي به وفاقي حڪومت کان ڦٻائي وڌيڪ ظلم ڪيو، هن چيو ته پنجاب ۾ بدنام ڪرپٽ فلور ملز ۽ خوراڪ کاتي ۽ اي ٽي ايم جي گڏيل صلاح سان ڌاڙو هنيو ويو، هن چيو ته گڏيل صلاح جي نتيجي ۾ افغانستان ۽ وچ ايشيا کي غير قانوني طور ڪڻڪ موڪلي وئي، هن چيو ته هن ڌاڙي لاءِ خوراڪ کاتي ۾ ان مدي لاءِ خاص سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، هن چيو ته وسيم اڪرم پلس کي هڪ فلور ملز چيڪ ڪرڻ جي همت نه ٿي نه ئي اهو معلوم ڪيو ته اٽو مقامي مارڪيٽ ۾ فراهم ٿي رهيو آهي يا ڪڻڪ ٻاهر موڪلي پئي وڃي. هن چيو ته عمران صاحب توهان جي يو ٽرن، نااهلي ۽ نالائقي توهان جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، هن چيو ته عمران صاحب حڪومت هلائڻ ۽ عوام جي خدمت توهان جي وس جي ڳالهه ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *