سعيد غني ۽ امتياز شيخ مٿان الزامن تي جي آئي ٽي لاءِ درخواست، سنڌ سرڪار، وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن صوبائي وزيرن سعيد گھني ۽ امتياز شيخ مٿان ڏوهارين جي سرپرستي بابت لڳل الزامن جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙڻ ۽ کين نااهل ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي وفاق ۽ صوبائي حڪومت سميت اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ڌُرين کي درخواست جون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. درخواست موجب ته ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ موجب ٻئي وزير ڏوهارين جا سرپرست آهن. جڏهن ته رپورٽ ۾ امتياز شيخ تي ڪرمنل ونگ هلائڻ جو الزام آهي. عدالت کي معاملي تي جي آءِ ٽي جوڙڻ ۽ ٻنهي صوبائي وزيرن کي نااهل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *