ايف آءِ اي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن ۽ غيرقانوني طور فائدو وٺندڙ هزارين آفيسرز خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن ۽ غيرقانوني طور فائدو وٺندڙ هزارين آفيسرز خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سرڪاري آفيسرز جي مبينا ڪرپشن واري معاملي تي ايف آءِ اي حرڪت ۾ اچي وئي. ذريعن موجب ايف آءِ اي بي آءِ ايس پي ۾ مبينا ڪرپشن ۾ ملوث سرڪاري آفيسرز کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ايف آءِ اي طرفان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ايف آءِ اي طرفان اٽڪل 3 هزار اهڙن آفيسرز خلاف جاچ شروع ڪئي آهي، جِن پروگرام ۾ مبينا ڪرپشن ڪئي ۽ غيرقانوني طور فائدو به ورتو. وزيراعظم ايف آءِ اي کي ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته وفاقي سرڪار طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙ 17 کان 20 گريڊ جي 2 هزار 54 آفيسرز جا نالا پڌرا ڪيا ويا، جنهن موجب غريبن جي پروگرام مان فائدو وٺندڙن ۾ رينجرز، پوليس، تعليم ۽ ٻين کاتن جا هزارين آفيسرز شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *