ڀارت اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي: چوڌري نثار

اسلام آباد:(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان  چيو آهي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير پنهنجي بيان ۾ پاڪستان  ۾ دهشتگردي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. چوڌري نثار چيو ته ڀارتي قيادت پاڪستان کي پوئتي ڪرڻ ، ڪمزور ڪرڻ ۽ غير ترقي يافتا رکڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهي آهي، پاڪ-چين اقتصادي لنگهه تي ڀارت جي واويلا سهپ کان ٻاهر آهي. ڀارت جو اصل چهرو  واضع طور تي سامهون  اچي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڀارتي وزير اعظم جو بيان اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڀارت ، پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿو، ڀارت اسان جي ترقي ۾ خوش ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *