عمران خان ۾ “فاشسٽ” آهي، ان ۾ “هٽلر” جا سڀ جراثيم موجود آهن: شهبا شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله کي ڪجهه ٿيو ته عمران خان ۽ ان جي حڪومت ذميوار هوندي. لاهور ۾ راڻا ثناءُ الله جي وارثن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته اِها وقت جي ضرورت آهي ته اسان راڻا ثناءُ الله جي خاندان جو ساٿ ڏيو ۽ انهن کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيڻ ڏيو ته پنجاب پي ايم ايل اين لاهور چيپٽر جو صدر جيل ۾ ويو ته هو اڪيلو ناهي، ائين ناهي مسلم ليگ ن جي سڄي قيادت هن سان گڏ آهي. شهباز شريف چيو ته عمران خان بدترين سوچ ۽ سازشن کي منهن ڏئي چڪو آهي، سڄي قوم ڏسي رهي آهي ته  هي بي بنياد ڪيس آهي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته ان کان پهرين نيب پوري ڪوشش جي باوجود ڪرپشن ۽ ڪڪ بڪيس جو ڪيس نه بڻائي سگهيو ۽ راڻا صاحب چيو هو ته عمران خان هن وقت پنجاب ۾ ڊي جي ڪرپشن جيڪو هان نيب جو ڊپٽي چيئرمين آهي اُن کي سخت هدايت ڪئي هئي ته راڻا ثناءُ الله جي خلاف بدعنواني جو ڪيس گهرجي. هن چيو ته عمران خان ان ۾ ناڪام ٿي ويو ته هن پاڻ مخبر بڻجي 15 ڪلو هيروئن جو ڪيس بڻايو آهي ۽ سڄي قوم ان تي حيران ۽ پريشان آهي. شهباز شريف چيو ته جڏهن کان راڻا ثناءُ الله کي جوڊيشل ريمانڊ تي موڪليو ويو آهي، اسان کي سندس گهرواري ۽ ٻين ذريعن کان اطلاع مليا آهن ته هن کي پيئڻ جي لاءِ پاڻي ۽ ماني نه پئي ڏني وڃي، اڄ سندس گهرواري ماني کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي رهي، پر راڻا ثناءُ الله کي ماني، پاڻي ۽ دوائون پهچائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ عمران خان جو مديني واري رياست جو تصور آهي جتي جيل ۾ ماني ۽ پاڻي به نه پيو ڏنو وڃي. مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته راڻا ثناءُ الله جي دل جي سرجري ٿي آهي ۽ مون کي اڄ هن جي گهرواري ٻڌايو ته سندس کاٻي اک ۾ ڪجهه مهينا پهرين انفيڪشن ٿيڻ جي ڪري سندس بينائي متاثر ٿي آهي ۽ هو ان جي دوا کائيندو هو، ان کان سواءِ هن جي چيلهه ۾ به سور آهي ۽ راڻا ثناءُ الله ڪڏهن اسان به ذڪر ناهي ڪيو. شهباز شريف چيو ته عمران خان توهان فاشسٽ آهيو، توهان ۾ هٽلر جا جراثيم آهن پر جيڪڏهن توهان قيدي سان جيڪو هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي، ان جي حياتي ۽ بيماري سان کيڏندا ته نه دنيا معاف ڪندي ۽ نه خدا. هن وڌيڪ چيو ته آئون مطالبو ٿو ڪيان ته راڻا ثناءُ الله کي دوائون، ماني ۽ پاڻي حوالي ڪيو وڃي ۽ زندگي جون ضرورتون ڏنيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *