ايل او سي ڀرسان ڌماڪو، پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد، هڪ زخمي

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سان پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ جو واقعو ايل او سي کان ڪجهه ميٽر پري جهمب سيڪٽر ۾ برنالا جي علائقي ۾ پيش آيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ هڪ فوجي جوان زخمي به ٿيو آهي. ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي سڃاڻپ صوبيدار محمد صادق، سپاهي محمد طيب، سپاهي زوهيب، سپاهي غلام قاسم ۽ نائيڪ شير زمان جا نالن سان ٿي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي، ڀارت ٻه طرفي سيز فائر معاهدي ۽ عالمي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، واقعو ڀارت طرفان رياستي حمايت يافته دهشتگردي جو ثبوت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *